اسلام آبادپاڪستان

سپريم ڪورٽ جي فيصلن ۽ حڪمن تي نظرِثانیي جو بل سينيٽ مان منظور

اسلام آباد :سپريم ڪورٽ جي فيصلن ۽ حڪمن تي نظرِ ثانیي جو بل سينيٽ مان به منظور ڪرايو ويو آهي. اهو بل ضمني ايجنڊا ذريعي عرفان صديقي پيش ڪيو. جڏهن ته اپوزيشن پاران بل پيش ٿيڻ تي احتجاج ڪيو ويو، بل پيش ڪرڻ جي حق ۾ 32 ۽ مخالفت ۾ 21 ووٽ آيا، جنهن کانپو اڪثريت را سان بل منظور ڪيو ويو. بل جي مطابق متاثر شخص کي نظرثاني جي درخواست داخل ڪرڻ جو حق حاصل هوندو، جنهن جي خلاف آرٽيڪل 184/ III تحت فيصلو هن ايڪٽ کان اڳ منظور ڪيو ويو هجي، نظرثاني جي درخواست هن ايڪٽ جي شروعات جي 60 ڏينهن اندر داخل ڪئي ويندي. چيئرمين صادق سنجراڻي جي طرفان ان سلسلي ۾ ايجنڊا تحت بل پيش ڪرڻ سان گڏ اپوزيشن پاران احتجاج جي شروعات ڪئي وئي. جڏهن ته اپوزيشن وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ کي ڳالهائڻ جو موقعو نه ڏنو، جنهن تي وفاقي وزير چيو ته جيڪڏهن اهي دڪان بند ڪن ته ڳالهايان، ٻي صورت ۾ بل پاس ڪيو ويندو، جنهن تي سينيٽ چيئرمين کيس چيو ته ڌمڪيون نه دليل ڏي. مخالف ڌر اڳواڻ ڊاڪٽر شهزاد وسيم چيو ته ٻڌايو وڃي ته هن بل جي ضرورت ڇو پئي، هن بل جي پويان ڪهڙو مقصد آهي، ان تي نظرثاني جو معاملو ناهي پر رڳو هڪ مقصد آهي ته نااهلي جا ڪيس معاف ڪيا وڃن، پهرين هنن ڪرپشن جا ڪيس معاف ڪري ڇڏيا، هاڻي اهي انهن ڪيسن کي معاف ڪرائيندا. هن چيو ته قانون واري وزير پارليامينٽ کي ڌمڪيون ڏنيون ته هي بل پاس ڪندا رهنداسين، جڏهن دليل نه هوندا ته ڌمڪيون رهنديون آهن.پي ٽي آ سينٽر اعجاز چوڌري ڳالهائيندي اعتراض ڪيو ته پرڏيهي وزير شنگهائي ڪوآپريشن آرگنائيزيشن جي اجلاس ۾ آن لائن شرڪت ڪري سگهيو پئي پر هو نريندر مودي جي محبت ۾ گرفتار آهي ۽ مودي سان واسطا وڌائن لا اهو دورو ڪيو پيو وڃي. اجلاس دوران سينيٽر اعجاز چوڌري بلاول ڀٽو زرداري بابت توهين آميز ڳالهه ڪئي، جنهن تي سينيٽ چيئرمين ڪارروائي مان هٽائي ڇڏيو، ان موقعي تي سينيٽر مولا بخش چانڊيو پاران به نامناسب جواب آيو. هن چيو ته پاڪستان هميشه شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو آهي، اها ڪاميابي آهي ته بلاول ڀارت ۾ ايس سي او ۾ شرڪت ڪري رهيو آهي، سڄي دنيا ان کي ساراهي رهي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button