اسلام آبادپاڪستان

عمران ميڊيا پريڊيٽر جو گند هاڻي صاف ٿئي پيو:مريم اورنگزيب

اسلام آباد :سڌ سما واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب صحافت جي آزادي جي عالمي درجابندي ۾ پاڪستان جي ست درجا بهتري تي ٿورو مڃيندي چيو آهي ته ميڊيا تي پابندي هڻڻ، اغوا ڪرڻ، گوليون هڻڻ، هڏا ٽوڙڻ، لفافائي چوندڙ، غليظ ڪردارڪشيءَ جي مهم هلائيندڙ دور آهستي آهستي ختم ٿي رهيو آهي. ڪالهه پنهنجي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي مٿي تي لڳل “ميڊيا پريڊيٽر” جو بدنما داغ ڌوئڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. عمران ميڊيا پريڊيٽر جو ڪيل چار سالن جو گند آهستي آهستي صاف ٿي رهيو آهي. هن چيو آهي ته ميڊيا فريڊم انڊيڪس ۾ پاڪستان جي پوزيشن بهتر ٿي رهي آهي. وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ هڪ سال دوران ميڊيا جي حوالي سان اڳڀرائي ٿيڻ خوش آئنده آهي. هن چيو ته الله جو شڪر آهي فيٽف جي گري لسٽ مان نڪرڻ کانپوءِ ميڊيا فريڊم انڊيڪس ۾ بهتري جي هڪ ٻي نيڪ نامي پاڪستان کي ملي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته راءِ جو اظهار ۽ صحافت جي آزادي جي جدوجهد ڪندڙ صعوبتون ۽ ظلم برداشت ڪندڙ صحافين ۽ تنظيمن کي سلام پيش ڪريون ٿا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button