پاڪستانسنڌ

ننگرپارڪر ۾ نوجوان جو وڻ ۾ ٽنگيل لاش مليو

ننگرپارڪر: ننگرپارڪر جي ڳوٺ ڏونگري واسي 27 سالن جي نوجوان لوجي پٽ سورتو ڪولھي جو گوڙڌرو ڊئم ۾ ديوي جي وڻ ۾ ڦاھو کاڌل لاش ھٿ آيو، نوجوان جي وارثن ڳولا ڪئي ته کوھه ڀرسان ديوي جي وڻ ۾ سندس لاش ٽنگيل حالت ۾ مليو. نوجوان جي چاچي ٻڌايو ته ڀائيٽي جو پي ڪافي عرصي کان گم آھي، ڀائيٽو مون سان گڏ رھندو ھو، ڪجھه ڏينھن کان کيس چڪن پاڪس جي بيماري ٿي ھئي، جنھن سبب پريشان ھو، سندس دماغي توازن درست نه ھو، رات جو گھران نڪري ويو، سندس ڳولا ڪئي، پر نه مليو، صبح واري ٽائيم کوھه تي وھنجن بعد کوهھ ڀرسان بيٺل ديوي جي وڻ ۾ خودڪشي ڪئي آھي. ٻڌايو وڃي ٿو ته نوجوان جي 5 مھينا اڳ شادي ٿي ھئي ۽ تازو بئراج مان لابارو ڪري گھر موٽيو ھو. ٻئي طرف ننگرپارڪر پوليس ٻڌايو ته واقعو خودڪشي لڳي ٿو، وڌيڪ جاچ جاري آھي، پوليس لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو. پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽرن مطابق ته واقعو خودڪشي لڳي ٿو، لاش جا جزا ليبارٽري ۾ موڪليا آهن، وڌيڪ ڄاڻ رپورٽ ۾ ملندي. لاش تي ڪوبه تشدد وغيره نه ھو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button