اسلام آبادپاڪستان

قوم جي توهين ڪندڙن کي هر صورت ۾ انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻينداسين:آرمي چيف

پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير ان ڳالهه تي زور ڀريو آهي ته تازو ئي هڪ منظم منصوبابندي تحت پيش آيل المناڪ واقعن جي ٻيهر ڪنهن به قيمت تي اجازت نه ڏني ويندي، 9 مئي جي ڪاري ڏينهن تي قوم جي توهين ڪندڙ سمورن ذميوارن کي هر صورت ۾ ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. هو سيالڪوٽ گيريزن جو دورو جي موقعي تي خطاب ڪري رهيو هو. آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج جي سربراهه سيالڪوٽ گيريزن جو دورو ڪيو. گيريزن اچڻ تي آرمي چيف شهيدن جي يادگار تي گلن جي چادر چاڙهي ۽ شهيدن کي شاندار خراج عقيدت پيش ڪيو جن قوم جي فخر، عزت ۽ وقار لاءِ پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪيو. پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير چيو ته شهيد اسان جي مَٿي جا تاج آهن جن سان آخرت ۾ اعليٰ مقام جو واعدو ڪيو ويو آهي، پاڪستاني عوام جي دلين ۾ شهيدن جو عظيم مقام سدائين قائم رهندو. رياست پاڪستان ۽ هٿياربند فوج سمورن شهيدن ۽ سندن خاندانن کي سدائين مٿانهون رکي ٿي ۽ مستقل طور تي انهن جي عظيم قربانين کي انتهائي عزت ۽ وقار جي نگاهه سان ڏسون ٿا. آرمي چيف چيو ته ڪنهن کي به شهيدن ۽ انهن جي يادگارن جي بي حرمتي ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. شهيد هٿياربند فوج، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن، سرڪاري اهلڪارن ۽ پاڪستان جي عوام لاءِ حوصلي ۽ فخر جو سبب آهن. هن رينڪ رينڊ فائل جي سامهون ان عزم کي هڪ ڀيرو ٻيهر ورجايو ته ڪارو ڏينهن 9 مئي تي قوم جي توهين ڪندڙ سمورن ذميوارن کي هر صورت ۾ انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. آرمي چيف ماتحت فارميشنز جي محنت، لڳن، بلند حوصلي ۽ پيشيوراڻي مهارت کي ساراهيو. آفيسرن ۽ جوانن سان ڳالهين دوران آرمي چيف فوج جي پيشيوراڻي مهارت، اندروني ۽ ٻاهرين چئلينجن سميت پروپيگنڊا ۽ وار فيئر کي منهن ڏيڻ لاءِ هر طرح جي تياري تي ڌيان ڏيڻ تي زور ڀريو. آرمي چيف جي آمد تي گوجرانوالا ڪور جي ڪمانڊر سندس آجيان ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button