اسلام آبادپاڪستان

شيرين مزاري، علي محمد خان ۽ مليڪا بخاري عدالتي حڪم تي آزاد ٿيڻ بعد ٻيهر گرفتار

تحريڪ انصاف جي گرفتار اڳواڻن شيرين مزاري، علي محمد خان ۽ بئريسٽر مليڪا بخاري کي جيل مان آزاد ٿيڻ بعد ٻاهر نڪرندي ئي پوليس ٻيهر گرفتار ڪري ورتو آهي. پي ٽي آءِ ترجمان مطابق پارٽي اڳواڻن علي محمد خان ۽ بئريسٽر مليڪا بخاري کي اڊيالا جيل ٻاهران گرفتار ڪيو ويو آهي، مليڪا ۽ علي محمد خان کي اسلام آباد پوليس پنهنجي حراست ۾ ورتو آهي. واضح رهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ تحريڪ انصاف جي گرفتار اڳواڻن مليڪا بخاري ۽ علي محمد خان جي ٿري ايم پي او تحت گرفتاري کي ڪالعدم قرار ڏيندي فوري طور آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. اسلام آباد ها ڪورٽ ڊي سي اسلام آباد کان ٿري ايم پي او تحت تحريڪ انصاف اڳواڻن جي گرفتاري ۽ ڪيسن بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. ٻئي طرف اڳوڻي وفاقي وزير شيرين مزاري کي به پنجاب پوليس ٻيهر گرفتار ڪري ورتو آهي. شيرين مزاري جي ڌيءَ ايمان مزاري تصديق ڪندي چيو ته پوليس هڪ ڀيرو ٻيهر سندس ما کي گرفتار ڪري کڻي وئي آهي. ذريعن موجب شيرين مزاري کي پنجاب پوليس گرفتار ڪيو آهي. شيرين مزاري کي عدالت جي حڪم تي آزاد ڪيو ويو هو. تحريڪ انصاف جي ٻين گرفتار اڳواڻن فياض الحسن چوهاڻ ۽ سيف الله نيازي کي اڊيالا جيل مان جهلم جي ڊسٽرڪٽ ڪورٽ منتقل ڪيو ويو آهي، جتي کين سيڪيورٽي سيل ۾ رکيو ويو آهي. ٿري ايم پي او تحت تحريڪ انصاف جو سينيئر وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي، اسد عمر، اعجاز چوڌري، مسرت جمشيد چيما ۽ ٻيا اڳواڻ پڻ مختلف جيلن ۾ بند آهن. هوڏانهن سنڌ جي گهرو کاتي نظربندي ختم ٿيڻ تي پي ٽي آ اڳواڻ علي زيدي کي فوري طور تي جيڪب آباد منتقل ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته هڪ ٻئي اڳواڻ فردوس شميم کي ٿري ايم پي او تحت سکر جيل منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button