پاڪستانپنجاب

زمان پارڪ ۾ دهشتگرد لڪيل هجڻ جو خدشو، پوليس جو گهيرو،باهه وڌيڪ نه ڀڙڪايو: عمران خان

پنجاب جي نگران حڪومت 9 مئي جي وڳوڙن ۾ ملوث 30 کان 40 دهشتگردن جي زمان پارڪ ۾ موجود هجڻ جي دعويٰ ڪندي تحريڪ انصاف قيادت کي شرپسند اڄ منجهند تائين پوليس حوالي ڪرڻ جي مهلت ڏئي ڇڏي، عمران خان جي رهائشگاهه کي چئني پاسي کان ڪڙو چاڙهي اچ وڃ وارا رستا بند ڪيا ويا، عمران خان ٻيهر ڳالهيون شروع ڪرڻ ۽ ميڊيا جي موجودگي ۾ زمان پارڪ جو معائنو ڪرائڻ جي آڇ ڪري ڇڏي. تفصيل موجب لاهور ۾ پوليس اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي رهائشگاهه زمان پارڪ ويندڙ سمورا رستا بند ڪري ڇڏيا آهن. پوليس ذريعن موجب پي ٽي آءِ ڪارڪنن کي زمان پارڪ وڃڻ کان روڪڻ لاءِ رستا بند ڪيا ويا آهن ۽ زمان پارڪ جي ڀرپاسي ڪنهن به وقت آپريشن ڪري سگهجي ٿو. نگران حڪومت زمان پارڪ ۾ موجود 30 کان 40 شرپسندن کي گرفتاري پيش ڪرڻ لاءِ چوويهه ڪلاڪن جي ڊيڊ لائين ڏني آهي. سڌ سما بابت نگران صوبائي وزير عامر مير چيو آهي ته اڄ خميس منجهند 2 وڳي تائين زمان پارڪ ۾ ڪا به ڪاروائي نه ٿيندي، اسان وٽ اطلاع آهن ته ڀڃ ڊاهه جا ذميوار 30 کان 40 ماڻهو زمان پارڪ ۾ لڪيل آهن، جن ۾ عمران خان جو ڀاڻيجو به شامل آهي، جنهن احتجاج طور فوجي آَفيسر جي وردي اڇلائي ڏيکاري هئي. هن چيو ته پنجاب پوليس عمران خان کي گرفتار ڪرڻ جو ڪو فيصلو نه ڪيو آهي. ٻئي طرف تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان زمان پارڪ جي گهيري ۽ پوليس نفري پهچڻ تي ردعمل ظاهر ڪندي چيو ته پوليس منهنجي رهائشگاهه جو گهيرو ڪري چڪي آهي، ٻيهر گرفتاري کان اڳ شايد هي منهنجو آخري ٽوئيٽ هجي، خوف ۽ هراس پکيڙڻ جو واحد مقصد ماڻهن کي خاموش رکڻ آهي پر مون کي ڊپ آهي ته ان سڄي صورتحال مان ڪو وڏو ردعمل پيدا ٿيڻ وارو آهي جنهن سان ملڪ کي وڌيڪ نقصان ٿيندو، اڃا به وقت آهي، عقل کان ڪم وٺو، ڳالهه ٻولهه ڪري مسئلو حل ڪريو ۽ مسئلو صرف هڪ ئي آهي ته هن ملڪ ۾ ان وقت تائين سياسي استحڪام نه ايندو جيستائين چونڊون نه ٿيون ڪرايون وڃن. وڊيو پيغام ۾ هن چيو ته مسئلي جو حل رڳو اليڪشن آهي، آئون تڏهن کان انتظار ڪري رهيو آهيان ته ڪير اچي ڳالهائي، جن ماڻهن سان اسان ڳالهايون ٿا اهي چونڊن جو نالو به ٻڌڻ نٿا چاهين، جيڪي اليڪشن ڪرائي سگهن ٿا، انهن کان اپيل آهي ته هن ملڪ کي بچائين ۽ چونڊون ڪرائن، هتي وڏي سازش ٿي رهي آهي، انهن وڏي رٿابندي تحت سڀ ڪجهه ڪيو آهي، جنهن جا اسان وٽ ڪيترائي ثبوت اچي ويا آهن، اسان عدالت به وينداسين ته ان تي جڊيشل ڪميشن جوڙي جاچ ڪرائي وڃي، جيڪڏهن صحيح نموني ڪئي وڃي ته پتو پئجي ويندو هن سازش جي پويان ڪير هو ۽ ڪير سڄي پارٽي کي ڪالعدم ڪرڻ لا استعمال ڪرڻ چاهي ٿو، ماڻهن کي گرفتار ڪرڻ جو منصوبو اڳواٽ ٺهيل آهي ۽ پو ماڻهن کي چيو پيو وڃي ته پي ٽي آ کي ڇڏي ڏيو، هيل تائين پارٽي جي ساڍا 7 هزار ڪارڪنن کي کنڀيو ويو آهي، جن ۾ عورتون به گرفتار ٿيل آهن ۽ عورتن سان بدتميزي ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته رات جي وڳري ۾ گهرن اندر داخل ٿيڻ ۽ ڀڃ ڊاهه ڪرڻ، ان سان ته پنهنجي ملڪ ۾ نفرت ڦهلائي پئي وڃي، مون سڄي دنيا ۾ فوج جو دفاع ڪيو، ڇاڪاڻ ته آئون ڄاتل سڃاتل چهرو آهيان، منهنجو آواز ٻاهر تائين وڃي ٿو، ڪو هڪڙو ٻيو پاڪستاني ٻڌايو جنهن مون وانگر فوج جو دفاع ڪيو هجي، ٻاهريون لابيز چاهين ٿيون ته پاڪستان جي فوج ڪمزور ٿئي. هن چيو ته آئون هڪ آزاد شخص آهيان، آئون فوج تي تنقيد ان جي اصلاح لا ڪندو آهيان، ائين جيئن پنهنجي ٻارن تي تنقيد ڪندو آهيان، جيڪڏهن آئون فوج کي ڪمزور ڪندس ته ڄڻ پنهنجو پاڻ کي ڪمزور ڪندس. هن وڌيڪ چيو ته هي ملڪ جي سڀ کان وڏي پارٽي ۽ فوج کي آمهون سامهون بيهارڻ چاهين ٿا ۽ اهو ڪاميابي سان ڪري رهيا آهن، ڊپ اٿم ته جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي ان جو وڏو ردعمل ايندو ۽ وڌيڪ نقصان پهچندو، جڏهن مون گهر ۾ 40 دهشتگردن کي پناهه ڏني آهي ته منهنجي زندگي لا به خطري جي ڳالهه آهي، مهرباني ڪري وارنٽ کڻي اچو ۽ منهنجي گهر ضرور اچو پر ائين ڪاهه ڪري نه اچو، مهذب معاشري جيان سرچ وارنٽ کڻي اچن، اسان کي نالا ته ڏين ته دهشتگرد ڪهڙا آهن، اسان سڄو گهر ڏيکارينداسين، ان کي بهانو نه بڻايو ته 40 دهشگرد لڪيا ويٺا آهن ته گهر تي حملو ڪري ڏيو، هن باهه کي وڌيڪ نه ڀڙڪايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button