اسلام آبادپاڪستان

ڪراچي وارن لاءِ بجلي وڌيڪ هڪ رپيو 55 پئسا مهانگي

اسلام آباد :نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) ڪراچي لاءِ بجلي وڌيڪ هڪ رپيو 55 پئسا مهانگي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. واڌ جي منظوري گذريل مالي سال جي ٻي ٽن مهينن جي ايڊجسٽمينٽ تحت ڏني وئي، نيپرا فيصلو نوٽيفڪيشن لاءِ وفاقي حڪومت کي موڪلي ڇڏيو، واڌو وصوليون مئي کان جولاءِ 2023 دوران ڪيون وينديون. وفاقي حڪومت ملڪ ۾ برابر ٽيرف برقرار رکڻ لاءِ نيپرا سان رابطو ڪيو هو، نيپرا وفاقي حڪومت جي درخواست تي ٻڌڻي کانپوءِ فيصلو جاري ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button