اسلام آبادپاڪستان

عدليا بابت آڊيو ليڪس جي جاچ لا جسٽس فائز جي سربراهي ۾ ڪميشن قائم

اسلام آباد :وفاقي حڪومت سپريم ڪورٽ جي سينيئر ترين جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهيءَ ۾ 3 رڪني انڪوائري ڪميشن جوڙي ڇڏي آهي، جيڪا عدليا ۽ ججن بابت مبينا آڊيو ليڪس جي جاچ لاءِ جوڙي وئي آهي. ان ڏس ۾ وفاقي سرڪار طرفان آڊيو ليڪس واري معاملي تي ٽي رڪني جڊيشل ڪميشن جوڙي وئي آهي، جنهن جي سربراهي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ڪندو. جڏهن ته اسلام آباد ۽ بلوچستان هاءِ ڪورٽس جا چيف جسٽسز ميمبر طور شامل هوندا. ڪابينا ڊويزن جڊيشل ڪميشن قائم ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪري ڇڏيو آهي. ڪميشن جڊيشري جي حوالي سان ليڪ ٿيندڙ آڊيوز بابت جاچ ڪندي ۽ پنهنجي رپورٽ 30 ڏينهن جي اندر وفاقي حڪومت کي پيش ڪندي. ڪميشن، وڪيل ۽ صحافين وچ ۾ ٿيل ڳالهه ٻولهه سميت اڳوڻي چيف جسٽس ۽ وڪيل جي آڊيو ليڪ جي به جاچ ڪندي. ڪميشن سوشل ميڊيا تي لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي ناٺي جي عدالتي ڪارروائي تي اثرانداز ٿيڻ جي الزامن واري آڊيو ليڪ جي ڇنڊڇاڻ ڪندي. ان کانسواءِ ڪميشن چيف جسٽس جي سس ۽ سندس دوست جي مبينا آڊيو ليڪ جي به جاچ پڙتال ڪندي. ڪميشن جي قيام جو نوٽيفڪيشن ڪابينا ڊويزن طرفان جاري ڪيو ويو ۽ 19 مئي تي گزيٽ آف پاڪستان ۾ شايع ٿيو. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته تازو ئي قومي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ تڪراري آڊيوز جيڪي مبينا طور تي عدليا، اڳوڻي چيف جسٽس، ججن جي گفتگو سان لاڳاپيل آهن، انهن جي غير جانبداري، آزادي کي نقصان پهچايو آهي ۽ فيصلا ڪرڻ جي صلاحيت تي سخت خدشا پيدا ڪيا آهن. جنهن ۾ چيو ويو آهي ته عدليا جي وقار ۽ عوامي مفاد ۾ عوام جي اعتماد کي بحال ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته ان آڊيو ليڪس جي صداقت ۽ درستي جي جاچ ڪئي وڃي. نوٽيفڪيشن موجب پاڪستان ڪميشن آف انڪوائري ايڪٽ 2017 جي سيڪشن 3 تحت اختيار استعمال ڪندي حڪومت مبينا آڊيو ليڪس جي جاچ لاءِ ڪميشن آف انڪوائري قائم ڪري رهي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button