پاڪستانسنڌ

چيلهار لڳ پورهيت جي گهر کي باهه، الهه تلهه رک

چيلهار: چيلهار ڀرسان ڳوٺ ستلا ۾ گذريل رات دير سان پورهيت ڀورو پٽ گلو جي گهر کي اوچتو باهه لڳي وئي، جنهن سبب نياڻي جو ڏاج، 15 مڻ ڪڻڪ، زيور ۽ ٻيو سامان رک ٿي ويو. پورهيت ٻڌايو ته تازو ئي لاباري تان مزدوري ڪري ڪڻڪ ڪمائي آيو هئس، جيڪا رات باهه جي نظر ٿي وئي ۽ نياڻي لا ورتل ڏاج به باهه کان بچي نه سگهيو. پورهيت ضلعي جي چونڊيل نمائندن ۽ ڊي سي ٿرپارڪر کان گهر ڪئي ته گهر ٺهرائي ڏئي مالي مدد ڪئي وڃي. ٻئي طرف گهر سڙڻ بعد پورهيت معصوم ٻارن سميت کليل آسمان هيٺ ويٺل آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button