پاڪستانسنڌ

ٽنڊوآدم ويجهو ڪار سوارن هٿان زميندار مبينا اغوا

ٽنڊوآدم: ٽنڊوآدم لڳ ڪار سوار زميندار کي اغوا ڪري ويا. رپورٽ موجب ٽنڊوآدم لڳ سوئي ڪندر شاخ وٽان ٻن ڪارن ۾ سوار هٿياربند موٽرسائيڪل تي سوار زميندار زاهد علي پٽ حاجي نظر محمد ڏيرو کي هٿيارن جي زور تي مبينا اغوا ڪري ڪار ۾ وجهي فرار ٿي ويا. ان سلسلي ۾ زميندار جي ڀائرن فواد ڏيرو ۽ بالاچ ڏيرو جو چوڻ آھي ته ڀا ڳوٺ طارق ڏيرو مان موٽرسائيڪل تي سوار ٿي ڀاڻيجن سان ملڻ کانپو واپس پئي آيو ته کيس رستي مان نامعلوم ڪار سوار اغوا ڪري ويا. تعلقي ٿاڻي تي اطلاع ڏنو ويو آھي، پر اڃان تائين ڪابه گرفتاري عمل ۾ ناهي آئي. رابطو ڪرڻ تي تعلقي ٿاڻي جي ايس ايڇ او ٻڌايو ته واقعي بابت وارثن اطلاع ڏنو آھي، جاچ ۾ رڌل آھيون، جلد ڪيس داخل ڪنداسين. ٻئي طرف چوٻول هلندڙ آھن ته زاهد ڏيرو جو پنهنجي ويڳي ڀائرن سان ملڪيت تان تڪرار هلندڙ آھي، جنهن تان کيس اغوا ڪيو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button