اسلام آبادپاڪستان

جڊيشل ڪميشن ڪارروائي روڪي ڇڏي،ججن بابت آڊيوز اچن ته جاچ ٿيڻ گهرجي:جسٽس فائز

اسلام آباد : مبينا آڊيو ليڪس جي جاچ لاءِ قائم جڊيشل ڪميشن سپريم ڪورٽ جي حڪم نامي جي روشني ۾ ڪارروائي روڪي ڇڏي.جڊيشل ڪميشن جي سربراهه جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 3 رڪني ڪميشن جو اجلاس ٿيو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۽ بلوچستان هاءِ ڪورٽ جا چيف جسٽس عامر فاروق ۽ نعيم افغان ڪميشن جو حصو آهن. اٽارني جنرل منصور عثمان ڪميشن سامهون پيش ٿيو ۽ هن گذريل ڏينهن جو عدالتي حڪم پڙهي ٻڌايو. ان موقعي تي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو خبر ته پئي ڪير آڊيو جاري ڪري رهيو آهي، اصلي آهن به يا نه، ٿي سگهي ٿو جن ماڻهن جون آڊيوز آهن، انهن پاڻ جاري ڪيون هجن يا ٿي سگهي ٿو ته عبدالقيوم صديقي پنهنجي آڊيو جاري ڪئي هجي، جاچ ٿيندي ته خبر پئجي ويندي. هن چيو جج کي پئسا ڏيڻ جي ڳالهه ٿي رهي آهي پر جاچ تي اسٽي اچي ٿو وڃي، ججن بابت آڊيوز اچن ته جاچ ٿيڻ گهرجي، پرائيويسي جي آڙ ۾ ڇا ڪنهن الزام جي جاچ نه ٿيڻ گهرجي، مون کي ڪير مرضي جي فيصلي لاءِ رقم آفر ڪري ته ڇا اها گفتگو به پرائيويسي ۾ ايندي؟ ڇا رستي ۾ ڪو حادثو ٿي وڃي ته ان جي وڊيو جاري ڪرڻ پرائيويسي خلاف هوندو؟سندس موجب جج جي حلف ۾ لکيل آهي ته فرض آئين ۽ قانون تحت ادا ڪندس، انڪوائري ڪميشن هڪ قانون تحت ٺهي آهي، ڪميشن آف انڪوائري ايڪٽ تحت اها ڪميشن ٺاهي وئي، اسان رڳو الله جا غلام آهيون ٻئي ڪنهن جا نه، اسان کي زندگي ۾ ڪجهه اهڙا ڪم ڪرڻا پوندا آهن، جيڪي اسان کي پسند ناهن هوندا، اسان کي پٽيشنرز ٻڌائي رهيا آهن ته منع نامو آهي، توهان نٿا ٻڌي سگهو، اسان ڪجهه ڪم خوشي سان ناهيون ڪندا پر حلف تحت اهي ٽاسڪ ادا ڪرڻ جا پابند هوندا آهيون، اسان کي ان واڌو ڪم جو ڪجهه ناهي ملندو، اسان کي ڪهڙو زور پيو اهو سڀ ڪرڻ جو. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته ڪميشن کي شنوائي کان اڳ نوٽيس ئي نه ڪيو ويو هو ته ڪم کان ڪيئن روڪيو ويو؟ انڪوائري ڪميشن کي ٻڌڻ بنا ئي 5 رڪني بئنچ آرڊر ڏئي ڇڏيو، هاءِ ڪورٽس سپريم ڪورٽ جي ماتحت ناهن، سپريم ڪورٽ جو فيصلو ماتحت عدليا ۽ ايگزيڪيوٽو تي لاڳو ٿيندو آهي پر سپريم ڪورٽ تي ناهي ٿيندو، 5 رڪني بئنچ جي آرڊر ۾ فيڊرل ازم جي ڳالهه ڪئي وئي، سپريم ڪورٽ هاءِ ڪورٽس جي نگراني نٿي ڪري سگهي، سپريم ڪورٽ هاءِ ڪورٽس جا ڪيترائي فيصلا ڪالعدم قرار ڏنا، ظاهري طور فيڊرل ازم کي تباهه ڪيو ويو.هن وڌيڪ چيو ته اسان ڪميشن جي وڌيڪ ڪارروائي نه پيا ڪيون، اسان اڄوڪي ڪارروائي جو حڪم نامو جاري ڪنداسين.واضح رهي ته گذريل ڏينهن سپريم ڪورٽ آڊيو ليڪس انڪوائري ڪميشن جو نوٽيفڪيشن معطل ڪري ڇڏيو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button