پاڪستانسنڌ

ميرپورخاص ۾ 3 جوابدارن کي قتل ڪيس ۾ ڦاهي جي سزا

ميرپورخاص : ميرپورخاص ۾ قتل ڪيس ۾ 3 جوابدارن کي ڦاهي جي سزا ملي. ميرپورخاص جي ماڊل ڪرمنل ٽرائيل ڪورٽ ٽنڊو جان محمد لڳ قتل ٿيل اختر حسين آرائين جي قتل ڪيس ۾ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ٽن جوابدارن نويد الزمان، چنگيز ۽ اڪرم کي ڦاھي ۽ 10-10 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي. ساڳئي واقعي ۾ غير قانوني ھٿيار رکڻ جو ڏوھه ثابت ٿيڻ تي عدالت ٽنھي جوابدارن کي 10-10 سال قيد ۽ 2-2 لک رپيا ڏنڊ جي سزا پڻ ٻڌائي آھي. ساڳئي ڪيس ۾ عدالت ٻن ڄڻن الطاف ۽ محمد عامر کي بري ڪري ڇڏيو. واضح رھي تھ فريادي طالب حسين جي فرياد تي 2023ع ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو ھو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button