پاڪستانسنڌ

بدين جي ڪٽنب جو بااثر ماڻهن ۽ پنگريو پوليس خلاف احتجاج

جهڏو: جهڏو لڳ ٽنڊوباگو جي ڳوٺ جيئري شاهه جي موري جي رهواسي ڳوٺاڻن جمعون خان لغاري، سندس گهرواري شهزادي ۽ پٽ محبت علي لغاري ميڊيا سينٽر جهڏو اڳيان بااثرن ۽ پنگريو پوليس خلاف احتجاج ڪيو. هنن چيو ته ڳوٺ جي سرڪاري ڀڏي تي ويٺل بااثر ماڻهو ڪچي شراب جي بٺي هلائين ٿا، اسان پنهنجي سروي زمين ۾ گهر ٺاهي ويٺا آهيون، شام جي وقت درجنين موالين جي اچ وڃ اسان جي گهر جي گهٽي تان ٿيندي آهي، 2 مهينا اڳ مون راڄ جي چڱن مڙسن، پنگريو ٿاڻي ۽ حد جي پوليس پوسٽ حيات خاصخيلي تي دانهن ڏني، پر وڏيرن ۽ مقامي پوليس ڪو ڌيان نه ڏنو. مهينو 20 ڏينهن اڳ مون پنهنجي گهر اڳيان ويندڙ گهٽي بند ڪئي ته مير خان لغاري، غلام نبي، امير بخش ۽ ثنااللہ لغاري وارن گڏجي گهر ۾ داخل ٿي مون تي ۽ گهرڀاتين تي لٺين ۽ ڪهاڙين جا وار ڪري بدترين تشدد ڪيو. آئون زخمي حالت ۾ پنگريو ٿاڻي تي پهتس، پر پوليس ڪيس داخل نه ڪيو، مون ايس ايس پي بدين کي درخواست ڏني، پر انصاف نه مليو، جنهن بعد عدالتي حڪم تي پنگريو پوليس منهنجي گهر تي حملي ۾ ملوث 4 جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو، پر هڪ مهينو 20 ڏينهن گذرڻ باوجود پوليس جوابدارن کي گرفتار ناهي ڪيو. جوابدار ڌر ڪيس تان هٿ کڻائڻ لاءِ موتمار ۽ ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي. هن ايس ايس پي بدين کان اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي جوابدارن خلاف ڪاروائي ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button