پاڪستانسنڌ

سرجن ڊاڪٽر محمد حسين لغاري لاڏاڻو ڪري ويو

مسڻ وڏي: مشهور پروفيسر سرجن ڊاڪٽر محمد حسين لغاري 80 سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، مرحوم ڊاڪٽر نبي بخش لغاري ۽ پ پ پ اڳواڻ عبدالجبار لغاري جو ڀا، سول سرجن ڊاڪٽر سليم لغاري ۽ ڊي آر رينجرز عبدالستار لغاري جو چاچو ۽ ڊاڪٽر شعيب فھد حسين لغاري جو والد هو. ڊاڪٽر محمد حسين لغاري کي 3 ڏينهن اڳ دل جو دورو پيو هو، جنهن کي حيدرآباد جي نجي اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو. گذريل رات دير سان هن دم ڌڻي حوالي ڪيو. ڊاڪٽر محمد حسين لغاري جي لاڏاڻي تي اباڻو شهر مسڻ وڏي سوڳ ۾ بند ٿي ويو. سندس جنازي نماز ۾ پ پ اڳواڻ غلام قادر مري، مخدوم ميون لطف علي ولهاري، رمضان مري، ڊاڪٽر عظيم عالماڻي، بابو محمد خان ڪوري، اڳوڻو اليڪشن ڪميشن پاڪستان سونو خان لنڊ بلوچ، رٽائرڊ جسٽس محمد صادق لغاري، جي يو آئي جو صوبائي سيڪريٽري مولانا تاج محمد ناهيو، ڊاڪٽر منٺار ٿيٻو، ڊاڪٽر ھادي بخش جتوئي، ڊاڪٽر پروفيسر عبدالستار ميمڻ، اڳوڻي صلاحڪار ڊاڪٽر بدر چنا، ڊاڪٽر عزيز لغاري، ڊاڪٽر ايوب لغاري، ڊاڪٽر نظير اشرف لغاري، روشن ٻرڙو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. بعد ۾ مرحوم کي عبدالله فقير قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button