پاڪستانسنڌ

شاهپورچاڪر ۾ ڦورو آزاد ڪرڻ تي پوليس خلاف مظاهرو

شاهپورچاڪر: شاهپور چاڪر ۾ رهواسين رحمت الله شر، معشوق شر، علي غلام شر ۽ نياز حسين شر جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. هنن الزام مڙھيو ته شاهپور چاڪر-کڏڙو مين روڊ تي چنگچي ڦٽو هلائيندڙ معشوق شر کان 3 ڦورن هڪ لک رپيا ڦر ڪيا ۽ مزاحمت تي 2 جوابدار رقم کڻي فرار ٿي ويا، هڪ ڦورو پير بخش کي پڪڙي پوليس حوالي ڪيو ويو، جنهن کي پوليس بااثر جي چوڻ تي ڇڏي ڏنو، گرفتار ڦورو تي شاهپورچاڪر، کڏڙو ۽ حيدرآباد جي ٿاڻن تي ڪيس داخل آھن، هاڻ ھو آزاد ٿي اسان کي ڌمڪيون ڏئي رهيو آھي، اسان شاهپورچاڪر پوليس کي ڦورو پڪڙي ڏنو، پر پوليس ان کي آزاد ڪري ظلم ڪيو. هنن ايس ايس پي سانگهڙ کان گهر ڪئي ته نوٽيس وٺي پير بخش ۽ سندس ساٿي ڦورن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button