ٺٽي ۽ مڪلي ۾ پيئڻ جي پاڻي جي سنگين بحران، بجلي ۽ گئس جي لوڊشيڊنگ خلاف اعلانيل شٽربند ھڙتال کي شهرين ۽ واپارين ڀرپور موٽ ڏئي ڪاروبار پاڻمرادو بند ڪري ڇڏيو، جنھن ڪري ٺٽي ۽ مڪلي ۾ سمورا ڪاروباري مرڪز، ھٽ، ھوٽلون، مانڊڻيون، دڪان ۽ پئٽرول پمپ بند رھيا. اعلانيل هڙتال جي حمايت ۾ ٺٽو بار جي سڏ تي سيشن ڪورٽ ۾ وڪيلن عدالتي ڪارواين جو بائيڪاٽ ڪيو ۽ ڪاروھنوار ٺپ ٿي ويو. شھري اڳواڻن رضوان شاھه، جلال شاھه، موسيٰ سبزپوش، شھروز چانگ، ڊاڪٽر عبدالحسين شاھه، بختاور شاھه، اياز ميمڻ ۽ ٻين موٽر سائيڪلن تي شھر جو گشت ڪيو. هنن چيو ته تاريخي شهر ٺٽي ۾ ھٿ وٺي بدانتظامي جي انتها ڪئي وئي آھي، ٽن مهينن کان وٺي پيئڻ جو پاڻي ميسر ناھي، مٿان وري بجلي ۽ گئس جي ڊگهي لوڊشيڊنگ شھرين جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي پر ضلعي انتظاميا، واڳ ڌڻي ۽ چونڊيل نمائندا خاموش تماشائي جيان بيحسي جو مظاهرو ڪري رهيا آھن، اهڙي صورتحال ۾ شھرين مڪمل هڙتال ڪري ضلعي انتظاميا خلاف فيصلو ڏئي ڇڏيو آھي، ھنن مطالبو ڪيو ته پاڻي جو بُحران فوري طور تي ختم ڪري ٺٽو ۽ مڪلي واسين کي ڪينجھر ڍنڍ مان پيئڻ جو پاڻي ڏنو وڃي، بجلي ۽ گئس جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ به ختم ڪري شھرين کي ٻٽي عذاب مان نجات ڏياري وڃي، ٻئي طرف ٺٽو بار ايسوسئيشن جي صدر ايڊووڪيٽ اعزاز شاھه ۽ جنرل سيڪريٽري منصور ترڪ چيو آھي ته شهر جي بنيادي مسئلن تي عدالتن ۾ به پٽيشنون داخل ڪرايون وينديون.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close