سنڌ

سي پي اين اي ڪميٽي فار فري ميڊيا ۽ ايڊيٽرز گورنمينٽ لائزن ڪميٽي جوڙي ڇڏي

ڪائونسل آف پاڪستان نيوز پيپر ايڊيٽرز (سي پي اين اي) سال 24-2023ع لا ٻه ڪميٽيون جوڙڻ جو اعلان ڪيو آهي، جن ۾ ڪميٽي فار فري ميڊيا ۽ ايڊيٽرز گورنمينٽ لائزن ڪميٽي شامل آهي. ڪميٽي فار فري ميڊيا جو چيئرمين ڪاظم خان کي مقرر ڪيو ويو آهي، ڪميٽي جي ميمبرن ۾ عامر محمود، اياز خان، سردار خان نيازي، ارشاد احمد عارف (صدر) ۽ اعجاز الحق (سيڪريٽري جنرل) عهدن جي ڪميٽي جا ميمبر هوندا، ڪميٽي جو مقصد ٻين صحافتي تنظيمن جي گڏيل عمل سان صحافين، صحافتي حقن ۽ اظهار جي آزادي کي چيلينجز کي منهن ڏيڻ لا آهي. ايڊيٽرز گورنمينٽ لائيزن ڪميٽي 24-2023ع جي چيئرمين ارشاد احمد عارف، ڊپٽي چيئرمين اعجاز الحق هوندا، جڏهن ته ٻين ميمبرن ۾ عامر محمود، سردار خان نيازي، يوسف نظامي، طاهر فاروق، عارف بلوچ، غلام نبي چانڊيو، سيد حامد حسين عابدي، ڊاڪٽر جبار خٽڪ، يحيٰ سدوزئي، ضيا تنولي، شڪيل احمد ترابي ۽ عدنان ظفر کي شامل ڪيو ويو آهي. هن ڪميٽي جو مقصد ۾ پريس قانون، معلومات تائين پهچ جو حق (آر ٽي آ) پريس جي آزادي بابت پاليسيون ۽ طريقيڪار، پرنٽ ميڊيا جي معاشي آزادي بابت معاملا، صحافتي آزادي بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ ۽ آواز اٿارڻ سان گڏ پريس ۽ حڪومت وچ ۾ لاڳاپن بابت معاملا شامل آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button