سنڌ

اسان آمريتن جا ظلم سٺا پر ڪڏهن به ڀٽو جي نعري تان هٿ نه کنيو: قائم علي شاهه

اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته اسان ايوب خان، ضياءُ الحق ۽ مشرف جي آمريتن جا ظلم برداشت ڪيا. ورڪرن کي ڦاهيون ڏنيون ويون پر انهن ڀٽو جي نعري تان هٿ نه کنيو. سول لائنز حيدرآباد ۾ پ پ اڳواڻ پرويز انصاري جي رهائشگاهه تي صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته پيپلز پارٽي جي ڪارڪردگي بهتر آهي، جنهن ڪري مڪاني چونڊن ۾ حيدرآباد ۽ ڪراچي مان اڪثريت سان ڪامياب ٿي، پ پ جمهوريت لاءِ اڃا تائين قربانيون ڏئي رهي آهي، منهنجي ذاتي راءِ آهي ته هر ماڻهو کي آزادي ملڻ گهرجي، اسان به وڏا جلسا ڪيا پر ڪنهن کي به نقصان نه پهچايو، عمران جي گرفتاري بعد قومي اثاثن کي ساڙيو ويو. هن چيو ته پي ٽي آ دور ۾ چين سميت ڪيترن ئي ملڪن سان رابطن ۾ ڏار پئجي ويا هئا پر بلاول ڀٽو زرداري پرڏيهي وزير بڻجڻ بعد هر هنڌ ويو، جيڪا سندس محنت آهي، هڪ سال ۾ ڪافي تبديلي ٿي آهي جيڪا سنڌ توڙي پنجاب ۾ به نظر اچي ٿي. مخالف چون ٿا ته پ پ چيئرمين رڳو گهمڻ وڃي ٿو پر ٿوري عرصي ۾ بلاول ڀٽو ثابت ڪري ڏيکاريو ته هو واقع ئي باصلاحيت نوجوان آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button