سنڌ

ٺٽي ۾ پاڻي آيو نه بجلي، گئس لوڊشيڊنگ برقرار، شهرين جو ٻيهر ڌرڻو، ڊي سي کي ٻن ڏينهن جي مهلت

ٺٽي ۽ مڪلي ۾ نه پاڻي آيو، نه ئي بجلي ۽ گئس جي لوڊشيڊنگ مان ڇوٽڪارو ملي سگهيو، جنهن خلاف شهرين هڪ دفعو ٻيهر احتجاج جو رستو اختيار ڪندي ڪراچي- ٺٽو- بدين روڊ تي نٽهڻ اس ۾ احتجاج ڪري ڌرڻو هنيو آهي. خبر موجب ٺٽي ۽ مڪلي ۾ پاڻي جي کوٽ، بجلي ۽ گئس جي لوڊشيڊنگ خلاف شھري ۽ سياسي، سماجي، قومپرست ۽ مذھبي تنظيمن جا اڳواڻ مڪلي قومي شاهراھه تي نٽھڻ اُس ۾ ڌرڻو ھڻي ويھي رھيا. احتجاج جي اڳواڻي ايس ٽي پي ضلعي ٺٽي جو صدر سيد جلال شاهھ، شيروز چانگ، ناٿو خان بروهي، فنڪشنل ليگ اڳواڻ شاھنواز بروھي، پي ٽي آئي اڳواڻ امجد شاھه، جسم جو ضلعي صدر امجد شورو، منظور انڙ، مراد علي شاھه امير خاني، اسدالله شاھه، ڊاڪٽر شبير شاھه، رضوان شاھه، جاويد شاھه ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا، مظاهرو ڪندڙن 5 ڪلاڪ روڊ بلاڪ ڪري ٽرئفڪ معطل ڪري ڇڏي. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ھڪ طرف ٺٽو ۽ مڪلي ۾ گذريل 3 مھينن کان پاڻي جو سخت بحران آھي، واھن ۾ وارا بندي سبب زمينون پاڻي نه ملڻ ڪري بنجر بڻجي رھيون آھن ته ٻئي طرف بجلي ۽ سوئي گئس جي لوڊشيڊنگ ڪري عوام جو سڪون برباد ڪيو ويو آھي، ان باوجود ضلعي انتظاميا ان طرف ڌيان ڏيڻ لا تيار ناھي ۽ نه ئي واھن جي صفائي توڙي کانٽي ڪرائي وڃي ٿي. هنن چيو ته شھر ۾ صفائي جا بھتر انتظام ناھن ۽ نه ئي پاڻي جي ورڇ شفاف نموني ڪئي وڃي ٿي، جنھن ڪري آبادگار سخت پريشان آھن، ھنن مطالبو ڪيو ته بجلي ۽ گئس جي لوڊشيڊنگ فوري طور ختم ڪري ٺٽو ۽ مڪلي ۾ پيئڻ جو پاڻي فراهم ڪيو وڃي، صفائي جا بھتر انتظام ڪرائي شھرين کي گھربل سموريون بنيادي سھولتون مھيا ڪيون وڃن، ٻي صورت ۾ مسئلن جي حل تائين پر امن احتجاج جاري رکيو ويندو. ڌرڻي ۾ 5 ڪلاڪن بعد ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو غلام فاروق سومرو پھچي مظاھرو ڪندڙن سان ڳالھيون ڪري سمورا مسئلا حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي. ڊي سي ٺٽو چيو ته واھن ۾ پاڻي جي وارا بندي اڄ رات کان ختم ڪرائي ويندي، جڏھن تہ بجلي ۽ گئس جي لوڊشيڊنگ جي وقت ۾ به گھٽتائي آڻي پيئڻ جي پاڻي جو بحران ختم ڪرايو ويندو، جڏهن ته شھرن کي صاف سٿرو رکڻ لا صفائي جا بھتر انتظام ڪرائي واھن ۽ شاخن جي کانٽي پڻ ڪرائي ويندي. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن ڊي سي ٺٽو کي مسئلا حل ڪرڻ لا ٻن ڏينھن جي مھلت ڏيندي چيو ته جائز مسئلا پو به حل نه ٿيا تہ ٻيھر ان کان به وڏو احتجاج ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button