سنڌشوبز

آرٽس ڪائونسل آف حيدرآباد کي رجسٽريشن ملي وئي، عهديدارن جو پڻ اعلان

آرٽس ڪائونسل آف حيدرآباد کي ڪيترن ئي مهينن بعد رجسٽريشن ملي وئي، آرٽس ڪائونسل تمام جلد پنهنجين سرگرمين جي شروعات ڪندي. ترجمان پاران پڌرائيءَ ۾ ڄاڻايو ويو ته آرٽس ڪائونسل آف حيدرآباد جو بنياد گذريل سال وڌو ويو هو، جنهن جي رجسٽريشن لاءِ تصديقي عمل ڊسمبر 2022ع کان جاري هو ۽ هاڻ مڪمل ٿي چڪو آهي، آرٽس ڪائونسل آف حيدرآباد هاڻ هڪ رجسٽرڊ اداري جي حيثيت ۾ ڪم ڪندي، گورننگ باڊي ۾ علم، ادب، ثقافت، مصوري، موسيقي، ميڊيا، ڊرامن ۽ پرفارمنگ آرٽ سان لاڳاپيل نامور شخصيتن کي شامل ڪيو ويو آهي. جڏهن ته ميمبرشپ جلد شروع ڪئي ويندي، اداري جي شروعاتي باڊي ۾ 7 عهديدار ۽ 10 گورننگ باڊي ميمبر کنيا ويا آهن، جن ۾ صدر ڊاڪٽر اسحاق سميجو، سينيئر نائب صدر عرفان قريشي، نائب صدر سيد زوار نقوي، جنرل سيڪريٽري نصير مرزا، جوائنٽ سيڪريٽري مرزا سليم بيگ، خزانچي علي دوست عاجز ۽ پريس ترجمان وسيم خان شامل آهن. جڏهن ته گورننگ باڊي جي ميمبرن ۾ جامي چانڊيو، ڀائي خان شر، سيد علي عباس، سيف سميجو، ناز سهتو، رفيق عيساڻي، پشپا ڪماري، ڊاڪٽر نويدا ڪٽپر، خالد عمران ۽ منظور ميراڻي شامل آهن. ترجمان موجب آرٽس ڪائونسل آف حيدرآباد هلندڙ مهيني کان ئي پنهنجي سرگرمين جي شروعات ڪندي، جنهن ۾ اسٽيج ڊراما، ادبي ۽ ثقافتي ميلا، حيدرآباد جي تاريخ ۽ ورثي تي سيمينار ۽ ڪانفرنسون، حيدرآباد جي آرٽسٽن سان شامون، مشاعرا، ادبي ويهڪون، مباحثا، نامور شخصيتن سان مڪالما ۽ مصوريءَ جون نمائشون شامل آهن، جڏهن ته هن پليٽ فارم تان فنڪارن ۽ هنرمندن جي هر قسم جي واهر ۽ سهائتا پڻ ڪئي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button