
سکر جي علائقي سنگرار مان 2 سال اڳ اغوا ٿيل معصوم ٻارڙي پريا ڪماري جي بازيابي لا مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا آهن. ميرپور بٺوري ۾ نوجوان اتحاد پاران صوفي شاھه عنايت پريس ڪلب اڳيان عامر ميمڻ جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جنهن ۾ معصوم ٻار ماهرا سومرو، عليزا، ماهل زهرا، منتظر، پ پ اڳواڻ ڪاشف خواجا، گسٽا اڳواڻ لطيف شورو ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. هوڏانهن خانپورمهر ۾ جسقم ۽ سول سوسائٽي جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن تعلقي پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪيو، جتي جسقم نصر ڪلادي، دودو مهر، محبوب گهوٽو، ايڊووڪيٽ پرديپ ڪمار، هريش ڪانيا، صدرالدين مهر ۽ ٻيا احتجاج جي اڳواڻي ڪري رهيا هئا. ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي اڳواڻن چيو ته سنڌ اغوا انڊسٽري بڻجي وئي آهي، هن وقت 6 معصوم ٻارڙن سميت 40 ڄڻا ڌاڙيلن وٽ قيد آهن، جن ۾ ٻه سال اڳ اغوا ٿيل معصوم نياڻي پريا ڪماري به شامل آهي، هنن چيو ته معصوم نياڻي فضيلا سرڪي کان پوءِ پريا ڪماري واري ڪيس ۾ پوليس ڪابه دلچسپي نه پئي وٺي ۽ پريا جي بازيابي لاءِ ڪي به ڪوششون نه پيون ورتيون وڃن. سياسي سماجي اڳواڻن مطالبو ڪيو ته پريا ڪماري سميت اغوا ٿيل معصوم ٻارڙن کي فوري طور بازياب ڪرايو وڃي.