سنڌ

بدين ۾ 10 ڏينهن کان پاڻي جو بحران، شهرين جو ڌڻي نه سائين

لاڙ جي اهم شهر بدين ۾ ڏهن ڏينهن کان پيئڻ جي پاڻي جي سخت کوٽ رھواسين کي ھينڊ پمپن جا چڪر ڏيڻ ۽ پيسن عيوض پاڻي خريد ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته ٽٽل مين لائين جي اڃا تائين مرمت نه ڪئي وئي آهي، شھر جي ڪيترن ئي پاڙن جي رهواسين پاڻي جي بحران خلاف لالا رفيق قاضي، شھباز ميمڻ ۽ محمد سليم کوکر جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو. هنن چيو ته ميونسپل انتظاميا جي نااهلي سبب بدين شھر جي مختلف علائقن ۾ پيئڻ جي پاڻي جو بدترين بحران ھلندڙ آھي. مين لائن ٽٽڻ ۽ مرمت نه ٿيڻ ڪري گذريل 10 ڏينھن کان شھري پاڻي جي ڦڙي لاءِ پريشان آهن پر ميونسپل ڪميٽي ۽ پبلڪ ھيلٿ کاتي طرفان ڪو به نوٽيس نه ورتو ويو آھي. ھنن ڊي سي بدين ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته بدين شھر ۾ بدترين بحران ختم ڪري پاڻي فراهمي بحال ڪئي وڃي، جيڪي علائقا وڌيڪ متاثر آهن اتي ٽينڪرن جي ذريعي پاڻي پھچائڻ جو بندوبست ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button