سنڌ

رسول بخش پليجي جي پنجين ورسي جون تياريون، اڄ جنگشاهي ۾ موٽر سائيڪل ريلي ڪڍي ويندي

عوامي تحريڪ جي سربراهه رسول بخش پليجي جي پنجين ورسي ۾ باقي 2 ڏينهن بچيا، ان حوالي سان جنگشاهي ۾ جلسي لا تياريون جاري آهن. سنڌياڻي تحريڪ جون ڪارڪن اڄ 5 جون تي جنگشاھي کان رسول بخش پليجي جي آخري آرامگاھه تائين موٽر سائيڪل ريلي ڪڍي کيس سلامي پيش ڪنديون. ٻئي طرف عوامي تحريڪ جي صدر لال جروار پاڪستان مزدور ڪسان پارٽي جي صدر تيمور الرحمان ۽ سرائيڪي قومپرست اڳواڻن خواجا غلام فريد ڪوريجا ۽ ظهور ڌاريجا کي فون ڪري ورسي ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. ان موقعي تي تيمور الرحمان ويچار ونڊيندي چيو ته رسول بخش پليجي جي پورھيت طبقي لاءِ ڪيل جدوجهد کي ڪنهن به صورت ۾ وساري نٿو سگھجي. خواجا غلام فريد ڪوريجا چيو ته رسول بخش پليجي سنڌين، سرائيڪين سميت ملڪ جي سمورين قومن جي حقن جي حاصلات لاءِ جيل ڀوڳيا. ظهور ڌاريجا چيو ته پليجي “پونم” جي پليٽ فارم تان سرائيڪي قوم جو ڪيس ڀرپور نموني رکيو، رسول بخش پليجو اسان جو رھبر آھي، اسين ورسي ۾ ضرور شرڪت ڪنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button