پاڪستانسنڌ

حيدرآباد ضلعي تي پاشا قاضي کي ليبر ميمبر لا ٽڪيٽ جاري

أحيدرآباد: پ پ سنڌ پاران پ پ اڳواڻ پاشا قاضي کي ضلعي ڪائونسل حيدرآباد لا ليبر ميمبر جي سيٽ ڏني وئي آهي، جنهن جي ٽڪيٽ پڻ پارٽي پاران جاري ڪئي وئي. گذريل ڏينهن خاص معاون پ پ حيدرآباد ضلعي جي صدر صغير احمد قريشي سينيئر اڳواڻ پاشا قاضي کي ليبر ميمبر جي ٽڪيٽ ڏني. ان موقعي تي پاشا قاضي چيو ته پارٽي قيادت مون تي اعتماد ڪري ذميواري ڏني آهي، جنهن تي پورو لهڻ جي ڪوشش ڪندس. پارٽي پاران ٽڪيٽ ڏيڻ تي پارٽي ڪو چيئرمين آصف زرداري، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، فريال ٽالپر، پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙو، ضلعي صدر صغير قريشي ۽ جنرل سيڪريٽري علي محمد سهتو جو ٿورائتو آهيان. هن وڌيڪ چيو ته پنهنجي علائقي سميت سڄي ضلعي جي ماڻهن جي خدمت ۾ اڳتي رهنداسين، عوام کي سندن گهرن جي درن تي سهولتون ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button