پاڪستانسنڌ

ڳجهين ڪيميرائن وارو مامرو،ڪراچي ۾ نجي اسڪول مشروط طور کولڻ جي اجازت

ڪراچي: ڪراچي جي نجي اسڪول ۾ عورتن جي واش رومن مان ڳجهي ڪئمرائن هٿ اچڻ واري مامري بعد تعليم کاتي جي اختيارين مشروط طور سيل ڪيل ڊي هيرڪس اسڪول کولڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آھي.

ڊي جي پرائيويٽ اسڪولز موجب صفوران ڳوٺ ويجهو چيپل سٽي ۾ قائم اسڪول کولڻ لاءِ 400 درخواستون آيون آهن، جن ۾ اسڪول کولڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي، اسڪول جي انتظاميا تي 50 هزار ڏنڊ وڌو ويو آهي، جيڪو انتظاميا جمع ڪرائي ڇڏيو آهي.

اسڪول انتظاميا کي پابند ڪيو ويو آهي ته ٻيهر اهڙي غلطي نه ڪئي ويندي، اسڪول جي وائيس پرنسپال کي به ٻئي شعبي ۾ شفٽ ڪيو ويندو. شڪايت ڪندڙ استادن جون پگهارون جلد جاري ڪيون وينديون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button