سنڌ

فريدآباد ۾ ماستري جو امتحان ڏيندڙ اميدوارن جو احتجاج

فريدآباد ۾ يونين ڪائونسل خان جو ڳوٺ ۽ يوسي سيدپور جي نوجوان پي ايس ٽي ۽ جي ايس ٽي پاس اميدوارن سليم چانڊيو، عبدالوحيد جتوئي، زاھد حسين جتوئي، فرھاد جتوئي، ديدار سومرو، فدا حسين چانڊيو ۽ نادر چانڊيو جي اڳواڻي ۾ ھٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو. ھنن چيو ته اسان جا ڊوميسائل، ريزيڊنٽ سرٽيفيڪيٽ ۽ ڪارڊ پڻ يوسي خان جو ڳوٺ جي نالي سان پڻ ٺھيل آهن پر بدقمستي سان يوسي عبدالحميد جتوئي ڄاڻائي اسان جي لسٽ جاري ناھي ڪئي وئي، جيڪا وڏي ناانصافي آهي. ھنن گهر ڪئي ته پي ايس ٽي ۽ جي ايس ٽي امتحان ۾ يوسي خان جو ڳوٺ ۽ يوسي سيدپور جي لسٽ جاري ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button