پاڪستانسنڌ

ڊاڪٽر ماها شاهه ڪيس نئون رخ اختيار ڪري ويو، مک جوابدارن جي ڊي اين ميچ نه ٿي

ڪراچي: ڊاڪٽر ماها شاهه ڪيس ۾ ٻن مک جوابدارن جي ڊي اين جي رپورٽ عدالت ۾ جمع ٿي وئي. پوليس سرجن حيدرآباد جي نگراني ۾ 9 ڊاڪٽرن تي ٻڌل ميڊيڪل بورڊ جي رپورٽ لاڳاپيل عدالت ۾ جمع ڪرائي وئي، جنهن تي ڊاڪٽر وحيد علي، ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، ڊاڪٽر وقار احمد ۽ ڊاڪٽر رجني ڪمار جون صحيحون ٿيل آهن.

رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڪراچي جي علائقي ڊفينس ۾ آپگهات ڪندڙ ڊاڪٽر ماها شاهه کان حاصل نمونا مک جوابدارن جنيد خان ۽ سيد وقاص جي ڊي اين اي سان ميچ نه ٿيا آهن. ڊاڪٽر ماها جي دوست جنيد خان ۽ وقاص حسن تي فوتي ڇوڪري جي پيءَ سيد آصف علي شاهه زيادتي جا الزام هنيا هئا.

عدالتي حڪم تي مک جوابدار جنيد ۽ وقاص پنهنجي ڊي اين اي جا نمونا ڄامشوري يونيورسٽي ۾ پاڻ وڃي ڏنا، ڊاڪٽر ماها جي ڪپڙن ۽ رت جي نمونن سان ڊي اين اي سيپمل جي ڀيٽ ڪئي وئي. ڊي اين اي رپورٽ موجب مک جوابدار جنيد ۽ وقاص جي ڊي اين اي ڊاڪٽر ماها سان ميچ نٿي ڪري. جوابدار جنيد جي وڪيل موجب جنيد ۽ وقاص تي زيادتي جا الزام ڪوڙا ثابت ٿيا آهن، جڏهن ته عدالت ڪيس جي شنوائي 11 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button