پاڪستانسنڌ

ڪراچي جي نالن جي متاثرن جي آبادڪاري لا هائوسنگ اسڪيم آڻبي: ناصر حسين شاهه

ڪراچي: بلديات کاتي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھه جي صدارت هيٺ ڪالهه سندس آفيس ۾ سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ منقعد اجلاس ۾ گجر نالي، محمود آباد نالي ۽ اورنگي ٽائون نالي جي متاثرن جي آبادڪاري جي لاءِ تجويزن جو جائزو ورتو ويو. ان موقعي تي بلديات واري وزير سيد ناصر حسين شاھه چيو ته ڪراچي جي ذڪر ڪيل نالن جي ڪشادگي ۽ صفائي جي ڪارڻ متاثر ٿيندڙ آبادي کي متبادل ماڳ تي آباد ڪرڻ جي لاءِ لوڪاسٽ هائوسنگ اسڪيم آندي ويندي، جتي بجلي، پاڻي، گئس، روڊ نيٽ ورڪ ۽ ٻين سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن متاثرن کي نئين جاءِ تي آبادڪاري ۾ سهولت ميسر ٿي سگھي.

سيد ناصر حسين شاھه هدايت ڏني ته نالي جي متاثرن جي جلد آبادڪاري جي لاءِ پي سي ون تيار ڪري منظوري جي لاءِ پيش ڪيو وڃي. هن چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي هميشه پنهنجن ماڻهن، اٽي، لٽي ۽ اجھي جي فراهمي ۾ اڳڀري رهي آهي. پيپلزپارٽي هميشه گھر، تعليم، صحت، روزگار ۽ عوامي ڀلائي جو اسڪيمن تي عملدرآمد ڪيو آهي ۽ هميشه پنهنجي منشور جي مطابق عمل ڪندا رهنداسين ۽ جتي پيپلزپارٽي جي حڪومت هوندي اتي عوام کي گھر، روزگار، تعليم، صحت ۽ ٻين بنيادي سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائيندي ويندي. اجلاس ۾ سيڪريٽري بلديات نجم احمد شاھه، مينيجنگ ڊائريڪٽر ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ اسد الله خان، مينيجنگ ڊائريڪٽر سنڌ سالڊ ويسٽ مئنيجمنٽ بورڊ زبير چنو، ايم ڊي اي ۽ بلديات کاتي جي ٻين آفيسرن به شرڪت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button