اسلام آبادپاڪستان

شاهه محمود قريشي جيل مان آزاد،انصاف جو جهنڊو منهنجي هٿ ۾ آهي: شاهه محمود قريشي

راولپنڊي: عدالت پي ٽي آءِ جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي جي نظربندي کي غير قانوني قرار ڏيندي کيس فوري طور آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته شاهه محمود قريشي جيل مان آزاد ٿي چيو آهي ته ڪارڪن حوصلو رکن، انصاف جو جهنڊو منهنجي هٿ ۾ آهي. خبر موجب عدالتي حڪم تي شاهه محمود قريشي کي اڊيالا جيل مان آزاد ڪيو ويو آهي. لاهور هاءِ ڪورٽ جي راولپنڊي بينچ جي جج جسٽس چوڌري عبدالعزيز نظربندي جي درخواست تي فيصلو ٻڌائيندي حڪم ڏنو ته شاهه محمود قريشي آزادي جي 3 ڏينهن اندر ڊپٽي ڪمشنر راولپنڊي وٽ بيان حلفي جمع ڪرائڻ جو پابند هوندو. عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته شاهه محمود قريشي آئين ۽ قانون موجب پرامن سياسي سرگرميون، پرامن احتجاج ۽ تقريرون ڪري سگهندو، جڏهن ته هو ڀڃ ڊاهه ۽ جلسن جلوسن کان پري رهندو.

عدالت اڊيالا جيل سپرنٽينڊنٽ کي شاهه محمود قريشي کي فوري طور آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. جنهن بعد عدالت نظربندي واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪندي شاهه محمود قريشي کي فوري طور آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. پاڪستان تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي کي اڊيالا جيل مان آزاد ڪيو ويو، جنهن سان گڏ سندس ڌي پنهنجي وڪيل سميت اڊيالا جيل کان ٻاهر نڪتا. اڊيالا جيل ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته آئون پي ٽي آءِ ڪارڪنن کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته انصاف جو جهنڊو منهنجي هٿن ۾ آهي، هي وقت آزمائش ۽ مشڪل جو آهي، هو اڄ اربع ڏينهن تحريڪ انصاف جي چيئرمين سان ملاقات ڪري پو تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪندو. هن چيو ته ڊي سي راولپنڊي جي حڪم تي مون کي 3 ايم پي او تحت ٻيهر گرفتار ڪيو ويو، جيل ۾ رهي امن لاءِ خطرو ڪيئن ٿو ٿي سگهان. هن چيو ته پي ٽي آ ڪارڪن کي حوصلي سان ڪم جاري رکن، اميد آهي ته اميد ضرور پيدا ٿيندي. واضح رهي ته شاهه محمود کي گذريل ڀيري به آزاد ٿيڻ بعد ٻيهر گرفتار ڪيو ويو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button