بلوچستانپاڪستان

عمران خان تي غداري جي پٽيشن داخل ڪندڙ وڪيل رزاق شر ڪوئيٽا ۾ قتل

ڪوئيٽا: ڪوئيٽا ۾ اڻڄاتل جوابدارن فائرنگ ڪري پي ٽي آ چيئرمين خلاف غداري جي پٽيشن داخل ڪرائيندڙ سپريم ڪورٽ جي سينيئر وڪيل عبدالرزاق شر کي قتل ڪري ڇڏيو. ايس ايڇ او جميل شهيد پوليس اسٽيشن گل محمد ٻڌايو ته اکين ڏٺن شاهدن موجب ٽن موٽر سائيڪلن تي سوار هٿياربندن سينيئر وڪيل عبدالرزاق شر کي ايئرپورٽ روڊ عالمو چوڪ تي فائرنگ ڪري قتل ڪيو. پوليس موجب وڪيل عبدالرزاق شر پنهنجي سئوٽ جي ڪار ۾ گهر کان هاءِ ڪورٽ وڃي رهيو هو ته موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن مٿس فائرنگ ڪري ڏني. پوليس سرجن سول اسپتال ڪوئيٽا ڊاڪٽر عائشه فيض جو چوڻ آهي ته عبدالرزاق شر کي مئل حالت ۾ اسپتال نيو ويو هو. وارثن جي درخواست تي پوسٽ مارٽم نه ڪرايو پر چڪاس ۾ معلوم ٿيو ته کيس ڪل 16 گوليون لڳيون آهن جيڪي ساڄي ۽ کاٻي پاسي کان فائر ڪيون ويون.

عبدالرزاق شر ايڊووڪيٽ کي سيني، پيٽ ۽ ڳچيءَ ۾ گوليون لڳيون. واقعي جو اطلاع ملندي ئي ڪوئيٽا بار ايسوسيئيشن جو صدر عابد ڪاڪڙ ٻين سينيئر وڪيلن سان گڏ سول اسپتال پهتو، جتي هن ٻڌايو ته واقعي جي سمورن رخن کان جاچ ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته بلوچستان هاءِ ڪورٽ، سيشن ڪورٽ ۽ ضلعي واقعي خلاف ڪورٽ سڳوري ڪراچي ۾ مڪمل بائيڪاٽ ڪرڻ سان گڏ 3 ڏينهن سوڳ جو اعلان پڻ ڪيو ويو آهي. سينيئر وڪيل مير عطاءُ الله کي ٻڌايو ته عبدالرزاق شر پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي چيئرمين جي اسيمبلي ٽوڙڻ واري فيصلي کي چئلينج ڪندي آرٽيڪل 6 تحت ڪارروائي سميت هڪ ٻي درخواست به داخل ڪئي هئي، جنهن ۾ هن موقف اختيار ڪيو هو ته سندس جان کي خطرو آهي، کيس تحفظ فراهم ڪيو وڃي پر حڪومت طرفان کيس تحفظ فراهم نه ڪيو ويو ۽ افسوسناڪ واقعو پيش آيو. بلوچستان جي وڏي وزير مير عبدالقدوس بزنجو ايئرپورٽ روڊ تي سپريم ڪورٽ جي وڪيل عبدالرزاق تي فائرنگ واري واقعي جو نوٽيس ورتو. وڏي وزير واقعي ۾ ايڊووڪيٽ عبدالرزاق جي قتل ٿيڻ تي ڏک جو اظهار ڪندي آءِ جي بلوچستان کان رپورٽ طلب ڪري ورتي. هن هدايت ڪئي ته واقعي جي سمورن رخن کان جاچ ڪري فوري رپورٽ پيش ڪئي وڃي ۽ ملوث عنصرن کي جلد قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button