اسلام آبادپاڪستان

ايندڙ مالي سال لا قومي ترقياتي بجيٽ 2709 ارب منظور

اسلام آباد (رپورٽ:خالد محمود) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ قومي اقتصادي ڪائونسل سال 2022-23 جي نظرثاني ٿيل ترقياتي بجيٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. هن سال وفاقي پي ايس ڊي پي 714 ارب جڏهن ته صوبائي ترقياتي بجيٽ 1598 ارب رپيا آهي. اجلاس مالي سال 2023-24 جي قومي ترقياتي بجيٽ جي به منظوري ڏئي ڇڏي. ايندڙ مالي سال ۾ قومي ترقياتي بجيٽ 2709 ارب رپيا هوندي، وفاقي حڪومت مجموعي ترقياتي پروگرام ۾ 1150 ارب رپيا خرچ ڪندي، جنهن ۾ 200 ارب رپيا پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جا هوندا. جڏهن ته 950 ارب رپيا وفاق جا پي ايس ڊي پي جا هوندا. صوبن جي مجموعي ترقياتي بجيٽ 1559 ارب رپيا هوندي. ايندڙ چئن مهينن لاءِ پنجاب جي ترقياتي بجيٽ 426 ارب رپيا ۽ خيبرپختونخوا جي 268 ارب رپيا هوندي، سنڌ جي سالياني ترقياتي بجيٽ 617 ارب رپيا آهي، جڏهن ته بلوچستان جي سالياني ترقياتي بجيٽ 248 ارب رپيا آهي. هن سال جي مقابلي ۾ فنڊ ۾ 17 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آهي. ترقياتي بجيٽ ۾ ڪل 1182 اسڪيمون شامل ڪيون ويون آهن، جن مان 311 نيون آهن جڏهن ته 871 جاري ترقياتي اسڪيمون آهن. اجلاس کي رٿابندي واري وفاقي وزارت پاران 4 آر ايف پروجيڪٽ بابت پڻ بريفنگ ڏني وئي. منصوبي تحت ٻوڏ متاثر علائقن ۾ تعميراتي منصوبن تي ڪافي رقم خرچ ڪئي پئي وڃي. ان جي فنڊنگ پاڪستان جي ترقياتي ڀائيوارن ورلڊ بئنڪ، ايشيائي ترقياتي بئنڪ ۽ اسلامي ترقياتي بئنڪ ڪري رهيا آهن. قومي اقتصادي ڪائونسل ملڪ جي مجموعي معاشي صورتحال جو جائزو ورتو ۽ تفصيلي مشاورت ڪئي. اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن کي ڀليڪار ڪندي وزيراعظم چيو ته صوبا وفاق جا يونٽ آهن ۽ پاڪستان جي خوشحالي ان وقت تائين ممڪن ناهي جيستائين صوبا خوشحال نه ٿيندا. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته محدود معاشي وسيلن باوجود حڪومت صوبن جي ترقياتي ضرورتن کي پورو ڪندي ۽ وسيلن جي منصفاڻي ۽ شفاف ورڇ کي يقيني بڻائيندي. ان سلسلي ۾ منصوبابندي واري وزير جي سربراهي ۾ هڪ ڪميٽي جوڙي وئي آهي، جيڪا ان ڳالهه کي يقيني بڻائيندي ته صوبن کي ملندڙ فنڊن ۾ ڪا به کوٽ نه ٿيندي، پر موجود وسيلا سمورن صوبن کي منصفاڻي طريقي سان ڏنا ويندا. انهن جي ضرورتن مطابق شفاف طريقي سان بنيادن تي ورهايو وڃي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته 2018ع ۾ جڏهن مسلم ليگ ن حڪومت ڇڏي ته وفاقي ترقياتي بجيٽ 1100 ارب رپيا هئي جيڪا 2021ع ۾ گهٽجي رڳو 500 ارب رپيا ٿي وئي. ملڪ جي ترقيءَ کي ڄاڻي واڻي روڪيو ويو پر معاشي چئلينجن باوجود موجوده حڪومت هڪ ڀيرو ٻيهر ترقياتي بجيٽ وڌائي 950 ارب رپيا ڪئي آهي. قومي اقتصادي ڪائونسل گذريل حڪومت جي ڇڏيل معاشي مسئلن ۽ پاڪستان ۾ تاريخي ٻوڏ جي باوجود هن سال حاصل ڪيل ٻڙي ڏهائي 3 سيڪڙو واڌ جي شرح جي منظوري ڏئي ڇڏي. ايندڙ مالي سال لاءِ ترقي جي شرح جو هدف ساڍا 3 سيڪڙو رکڻ جي به منظوري ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته گذريل سال قومي معيشت جو مجموعي حجم 847 کرب رپيا رڪارڊ ڪيو ويو هو. ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي مجموعي شرح 13 ڏهائي 61 سيڪڙو رهي. جڏهن ته ايندڙ مالي سال ۾ هدف کي وڌائي 15 سيڪڙو ڪيو ويو آهي، منصوبابندي واري وزير قومي اقتصادي ڪائونسل کي 5 ايز تي تفصيلي بريفنگ پڻ ڏني. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ان ماڊل تي عمل سان پاڪستان جي معيشت جو حجم 2035 تائين 1000 بلين ڊالر تائين پهچي ويندو ۽ ان کي هڪ وڏي معاشي قوت بڻائينداسين. منصوبي تحت پاڪستان جي سراسري سالياني واڌ جي شرح 6 ڏهائي 2 سيڪڙو هوندي.نيشنل اڪنامڪ ڪائونسل “پاڪستان اڪنامڪ آئوٽ ُلڪ 2035” جي اصولي منظوري به ڏئي ڇڏي آهي. منصوبابندي واري وزارت صوبائي حڪومتن ۽ ٻين اسٽيڪ هولڊرز جي مشاورت سان اسٽريٽجڪ دستاويز ۽ حڪمت عملي پيپر تيار ڪندي. اجلاس ۾ وزيراعظم جي 80 ارب رپين جي لاڳت سان خصوصي منصوبن جي به منظوري ڏني وئي. انهن قدمن ۾ ٽيوب ويلن کي سولر انرجي تي منتقل ڪرڻ، نوجوانن کي ڪاروبار لاءِ آسان قرضن جي فراهمي، پاڪستان ايجوڪيشن انڊوومينٽ فنڊ جو قيام، آئي ٽي اسٽارٽ اپ، ليپ ٽاپ اسڪيم، نوجوانن کي مهارت سيکارڻ لاءِ تربيتي پروگرام ۽ وينچر ڪيپيٽل کي فروغ ڏيڻ شامل آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button