اسلام آبادپاڪستان

بلاول ڀٽو جي عراق جي گهرو وزير سان ملاقات، اهم معاملن تي ڳالهيون

بغداد: پاڪستان جي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري عراق جي دوري دوران عراق جي اهم سرڪاري عملدارن سان ملاقاتون ڪيون آهن. هن عراقي پارليامينٽ جي اسپيڪر محمد رڪان ال حلبوسي، عراق جي اسلامي سپريم ڪائونسل جي سربراهه حمام حمودي، حڪمت پارٽي جي سربراهه عمار حڪيم ۽ عراق جي گهرو معاملن جي وزير عبدالامير الشمري سان ملاقاتون ڪيون. ملاقاتن ۾ پاڪستان، عراق ۽ ٻين گڏيل دلچسپي معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. بلاول ڀٽو زرداري ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستاڻن ناتن کي سگهارو بڻائڻ تي زور ڀريو.

بلاول ڀٽو ۽ عراقي گهرو معاملن واري وزير جي وچ ۾ پاڪستاني پانڌيئڙن ۽ ڪاروباري ماڻهن جي لا عراقي ويزا جي حوالي سان وڌيڪ سهولتون ڏيڻ تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ٻنهي اڳواڻن معاهدن تي صحيحون پڻ ڪيون. ٻئي طرف پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري بغداد ۾ صوفي بزرگ شيخ عبدالقادر جيلاني جي مزار تي حاضري ڀري آهي. پرڏيهي وزير بلاول ملڪ جي سلامتي ۽ خوشحالي ۽ جمهوريت جي بالادستي لاءِ دعا گهري. ان موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته شيخ عبدالقادر جيلاني جي مزار تي حاضري ۽ مغفرت جي دعا گهرڻ جي سعادت ماڻڻ تي تمام گهڻو خوش آهيان. هن چيو ته 1989 ۾ شهيد بينظير ڀٽو به عراق جي دوري دوران شيخ عبدالقادر جيلاني جي مزار تي حاضري ڀري هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button