اسلام آبادپاڪستان

ملازمن جي پگهارن ۽ ايڊهاڪ الائونس ۾ 30 سيڪڙو واڌ جو امڪان

اسلام آباد (رپورٽ:ارشاد انصاري) ايندڙ مالي سال 2023-24ع جي وفاقي بجيٽ ۾ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۽ ايڊهاڪ الائونس جي مد ۾ 30 سيڪڙو جڏهن ته پينشن ۾ به واڌ جو امڪان آهي. ميڊيڪل ۽ ڪنوينس الائونس ۾ واڌ ممڪن آهي پر پي اينڊ پينشن ڪميشن حڪومت کي سفارش ڪئي آهي ته سرڪاري ملازمن جي ميڊيڪل ۽ ڪنوينس الائونس ۾ 100 سيڪڙو ۽ ايڊهاڪ الائونس ۾ 10 سيڪڙو اضافو ڪيو وڃي. جڏهن ته ناڻي واري وزارت جي ريگيوليشن ونگ جي ذريعن موجب ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن ۾ واڌ لاءِ 3 تجويزون تيار ڪيون ويون آهن، جيڪي وفاقي ڪابينا جي خاص اجلاس ۾ پيش ڪيون وينديون. وزيراعظم جي صدارت هيٺ ڪابينا جي اجلاس ۾ ملازمن جي پگهارن، پينشن ۽ الائونسز ۾ واڌ بابت حتمي فيصلو ڪيو ويندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته پهرين تجويز ۾ ملازمن کي ملندڙ ميڊيڪل الائونس ۾ 100 سيڪڙو ۽ ايڊهاڪ الائونس ۾ 10 سيڪڙو اضافو ڪرڻ سميت رٽائرڊ ملازمن کي ملندڙ ميڊيڪل الائونس ۽ پينشن ۾ 10 -10 سيڪڙو واڌ ڪرڻ جي تجويز آهي. ٻي تجويز آهي ته گريڊ هڪ کان 22 تائين جي سمورن سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 25 سيڪڙو ۽ ميڊيڪل ۽ ڪنوينس الائونس ۾ به واڌ ڪئي وڃي، جڏهن ته پينشنرن جي ميڊيڪل الائونس ۾ واڌ ۽ پينشن ۾ 15 سيڪڙو اضافو ڪيو وڃي. ان کان پوءِ هڪ ٽين تجويز به غور هيٺ آهي، جنهن ۾ هڪ کان 16 گريڊ جي ملازمن جي پگهارن ۾ 30 سيڪڙو جڏهن ته سترنهن کان مٿي گريڊ جي آفيسرن جي پگهارن ۾ 20 سيڪڙو واڌ جي تجويز ڏني وئي آهي. پر ميڊيڪل ۽ ڪنوينس الائونس ۾ 50 سيڪڙو واڌ جي تجويز آهي. جڏهن ته پينشن وارن جي ميڊيڪل الائونس ۾ 20 سيڪڙو واڌ سان گڏ پينشن ۾ 20 سيڪڙو واڌ ڪرڻ جو چيو ويو آهي. ان حوالي سان حتمي منظوري خاص اجلاس ۾ ڏني ويندي. پي اينڊ پينشن ڪميشن جي تجويز آهي ته نون ڀرتي ٿيل ملازمن کي پراڻي پينشن سسٽم تحت بهتر نه ڪيو وڃي پر نون ڀرتي ٿيل ملازمن لاءِ ڪنٽريبيوٽري پينشن سسٽم يا رضاڪاراڻي پينشن سسٽم متعارف ڪرايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button