اسلام آبادپاڪستان

9 مئي جي ماسٽر مائينڊز جو گهيرو تنگ ڪرڻ جو وقت اچي ويو:آرمي چيف

راولپنڊي : آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير چيو آهي ته 9 مئي جي ناقابل ترديد ثبوتن کانپوءِ انساني حقن جي ڀڃڪڙين جي نالي تي لڪڻ جو ڪو فائدو ناهي. وقت اچي ويو آهي ته 9 مئي جي سازشين ۽ ماسٽر مائينڊز خلاف قانون جي گرفت مضبوط ڪئي وڃي. ڪالهه آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير جي صدارت هيٺ جي ايڇ ڪيو ۾ فارميشن ڪمانڊرز ڪانفرنس ٿي، جنهن ۾ ڪور ڪمانڊرز، پرنسپل اسٽاف آفيسرن ۽ پاڪ فوج جي سمورن فارميشن ڪمانڊرز شرڪت ڪئي. ڪانفرنس ۾ هٿياربند فوج، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ سول سوسائٽي سميت شهيدن جي عظيم قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪيو. شرڪت ڪندڙن ان عزم جو اظهار ڪيو ته وقت اچي ويو آهي ته سازشن ۽ ماسٽر مائينڊن خلاف قانون جي گرفت مضبوط ڪئي وڃي، جن شهيدن جي يادگارن جي بيحرمتي ڪئي، جناح هائوس ۽ فوجي ٺڪاڻن تي حملا ڪيا، انهن کي پاڪستان آرمي ايڪٽ ۽ آفيشل سيڪريٽس ايڪٽ تحت آئين تحت انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن ان عزم جو اظهار ڪيو ته ڪنهن به طرف کان رڪاوٽون پيدا ڪرڻ ۽ مونجهارو پيدا ڪرڻ جي ڪوششن کي سختي سان منهن ڏنو ويندو ته جيئن مخالف قوتن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائي سگهجي. پاڪ فوج، ملڪ جي سلامتي لاءِ ڪنهن به قرباني کان نه ڪيٻائيندي. آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير چيو آهي ته ملڪ ۾ بگاڙ پيدا ڪرڻ ۽ انساني حقن جي جعلي ڀڃڪڙين جي پويان لڪڻ جون سموريون ڪوششون بيڪار آهن، وڏي انگ ۾ گڏ ڪيل ناقابل ترديد ثبوتن کي رد نٿو ڪري سگهجي. آرمي چيف چيو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ سيڪيورٽي فورسز تي حملن، انساني حقن جي ڀڃڪڙين ۽ سياسي سرگرمين کي دٻائڻ جا بي بنياد الزام عوام کي گمراهه ڪرڻ ۽ هٿياربند فوج کي بدنام ڪري ناپاڪ سياسي مفادن جي حاصلات آهي. ملڪ دشمن عناصر ۽ سندن حمايتي ڪوڙي ۽ بي بنياد خبرن ۽ پروپيگنڊا ذريعي سماج ۾ انتشار پيدا ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري رهيا آهن پر قوم جي ڀرپور حمايت سان سمورا ارادا ناڪام بڻايا ويندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button