پاڪستانسنڌ

رسول بخش پليجي جي پنجين ورسي، سنڌياڻين جي پريڊ سان سلامي،زبردست ڀيٽا

ٺٽو: ايشيا جي عظيم سياستدان ۽ عوامي تحريڪ جي سربراهھ رسول بخش پليجي جي پنجين ورسي جو عظيم الشان تاريخي جلسي عام جو پروگرام سندس اباڻي ڳوٺ جنگشاھي لڳ منگر خان پليجو ۾ منعقد ڪيو ويو. سنڌياڻي ثقافتي گروپ طرفان رسول بخش پليجي کي پريڊ وسيلي سلامي ڏني وئي. قومي ۽ انقلابي گيتن تي ٽيبلوز پيش ڪري رسول بخش پليجي کي ثقافتي رنگن سان شاندار ڀيٽا پيش ڪئي وئي. عوامي تحريڪ جي قيادت طرفان پليجي صاحب جي مزار تي گلن جي چادر چاڙهي ڀيٽا پيش ڪئي وئي. تاريخي جلسي عام ۾ وڏي انگ ۾ عورتن، مردن، ٻارڙن، ٻڍڙن، نياڻين، شاگردن، مزدرون، هارين، پورهيتن ۽ عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي ڪارڪنن شرڪت ڪئي. ورسي جي جلسي عام ۾ سنڌ ۽ پاڪستان جي ناميارن سياستدانن، وڪيلن، صحافين، ليکڪن، سول سوسائٽي جي نمائندن ۽ ٻين رسول بخش پليجي صاحب جي شخصيت ۽ هن جي بيمثال جدوجھد تي کيس زبردست ڀيٽا پيش ڪئي. ورسي جي جلسي عام ۾ ڊجيٽل آدمشماري کي رد ڪرڻ، لکين افغانين سميت سمورن ڌارين کي نيڪالي ڏيڻ، سنڌو درياءَ تي ڊيمن کي سنڌ خلاف سازش قرار ڏنو آھي. ان موقعي تي جلسي عام کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار چيو ته رسول بخش پليجو سنڌ ۽ پاڪستان جو اهو ڏاهو ۽ پورهيت اڳواڻ آهي، جنھن پنھنجي سڄي زندگي دنيا جي مظلوم طبقن ۽ قومن لاءِ جدوجھد ڪندي گذاري. هو دنيا جي مظلوم قومن ۽ طبقن جو رهبر آهي. رسول بخش پليجي جو فڪر ٽين دنيا جي ملڪن لاءِ روشني آهي. رسول بخش پليجو دنيا جي عظيم انقلابي ڏاھن جو تسلسل آهي. ھن انتھائي پٺتي پيل غريبن ۽ مسڪين ھارين سميت سنڌي سماج ۾ عورتن کي جانورن کان گھٽ سمجھڻ وارين عورت دشمن لاڙن، ريتن ۽ رسمن خلاف عورتن کي منظم ڪري قومي، طبقاتي ۽ جمھوري جدوجھدن ۾ اڳواڻي وارو ڪردار ادا ڪرايو. اسان مطالبو ٿا ڪريون ته سڀ کان پهرين سنڌ تي قبضو ڪندڙ پرڏيهين کي ملڪ نيڪالي ڏني وڃي ۽ وسيلن جي ورهاست آبادي بدران ٽيڪسن جي اوڳاڙي سميت وسيلن ۽ ٻين اسمن جي بنياد تي ڪئي وڃي. سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر سڀاني ڏاهري چيو ته رسول بخش پليجي سنڌ جي سياست ۾ عورتن کي اڳواڻي وارو ڪردار ڏئي سنڌ جي تاريخ جو وڏو ڪارنامو سرانجام ڏنو. هن وقت سنڌ حڪومت جي نااهلي سبب عورتن لاءِ زندگي جهنم بڻائي وئي آهي. سنڌ جي عورتن کي قبائلي ناسور جي رحم ڪرم تي ڇڏيو ويو آهي. عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ عبدالقادر رانٽو چيو ته رسول بخش پليجي سنڌ جي ھارين، مزدورن ۽ پورھيتن کي سياست ۾ متحرڪ ڪرڻ لاءِ جاکوڙ ڪئي. سنڌي هاري تحريڪ جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر دلدار لغاري چيو ته ملڪ ۾ زرعي سڌارا آڻي جاگيرون ختم ڪيون وڃن. سنڌ جي زمينن تي قبضن کي ٻنجو ڏئي زمينون بي زمين هارين ۾ ورهايون وڃن. سنڌي مزدور تحريڪ جي مرڪزي صدر حاجي خان سمون چيو ته پاڪستان ۾ ڪنھن به قسم جا ڪي ليبر لا عمل ۾ ناهن. مزدرون کي ڪي به حق مليل ناهن. سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي صدر عاطف ملاح چيو ته سنڌ جي اعليٰ تعليمي ادارن کي ڪرپشن جو ڳڙهه بڻايو ويو آهي. سنڌي گرلس اسٽوڊنٽ تحريڪ جي مرڪزي صدر ساجده پرهياڙ چيو ته سنڌ جون يونيورسٽيون نياڻين لاءِ مقتل گاهه بڻايون ويون آهن. سجاڳ ٻار تحريڪ جي مرڪزي صدر اعتزاز گائنچو چيو ته سنڌ ۾ هر روز ٻارڙن سان ڏاڍاين جا واقعا روز وڌندا وڃن ٿا. سنڌ سرڪار خاموش تماشائي بڻيل آهي. ورسي تقريب ۾ قراردادون پاس ڪيون ويون، پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ غير آئيني ۽ غير قانوني طرح لکين افغانين، بھارين، برمين، روهينگين، هندستانين ۽ ٻين غير ملڪين کي سنڌ ۾ آباد ڪري سنڌي قوم کي پنھنجي تاريخي وطن ۾ اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي منصوبا بندي تي عمل ڪيو پيو وڃي. وقت کان اڳ بوگس ڊجيٽل آدمشماري به ان سلسلي جي ھڪ ڪڙي آھي. ڊجيٽل آدمشماري جي نالي ۾ لکين افغانين ۽ غير ملڪين جي ڳڻپ ڪري سنڌي قوم جي اڪثريت کي اقليت تبديل ڪيو ويو آهي. اڄوڪي ھن عظيم الشان جلسي عام ۾ ھزارين مرد، عورتون، ٻار ۽ ٻڍا وقت کان اڳ ٿيندڙ غير قانوني آدمشماري کي مڪمل رد ڪندي مطالبو ٿا ڪن ته سنڌ ۾ لکين ڌارين جي ايندڙ انساني ٻوڏ کي روڪڻ لاءِ قانونسازي ڪئي وڃي ۽ غير ملڪين کي ڪراچي بدامني ڪيس جي ڏنل فيصلي تحت واپس پنھنجن ملڪن ڏانھن موڪليو وڃي. پاڪستان جي ماضي ۽ موجودہ سياسي، معاشي بحران تي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار پاليسي بيان جاري ڪندي چيو ته پاڪستان ٺھڻ کان ترت پوءِ اصل اقتدار تي قبضو برطانيا جي ملازم سول ڪامورا شاھي ۽ انگريز سامراج جي حمايت يافته ۽ سندن پيدا ڪيل جاگيردارن، قبيلائي سردارن، چوڌرين، خانن ۽ نوابن کي مليو، ملڪ جي واڳ ڌڻين ملڪ ۾ حقيقي عوامي جمھوريت، قانون ۽ انصاف جي حُڪمراني کي طاقتور ڪرڻ بدران انتھاپسندي، جنونيت، دھشتگردي ۽ ڪرپشن جي آبياري ڪري دھشتگردن کي ھٿياربند ٽريننگون ڏيئي کين مچائي مواڙ ڪيو ويو ۽ ان پاليسي جي نتيجي ۾ ڏسندي ئي ڏسندي سڄو ملڪ دھشتگردي جي لپيٽ ۾ اچي ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button