رانديون

سمٿ ۽ ٽريوس جي 241 جي پارٽنرشپ، ڪينگروز پهرين ڏينهن ڀارت تي حاوي

اوول: آءِ سي سي ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ ڀارت ۽ آسٽريليا وچ ۾ اوول ۾ جاري آهي، ڪينگروز ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪندي 3 وڪيٽن جي نقصان تي 327 رنسون ٺاهيون. اسٽيو سمٿ ۽ ٽريوس هيڊ وچ ۾ 241 رنسن جي پارٽنرشپ رهي. آسٽريليا طرفان ڊيوڊ وارنر ۽ عثمان خواجه اننگز جي شروعات ڪئي، جڏهن ته ڀارت جي محمد شامي بالنگ اٽيڪ ڪيو. آسٽريلوي ٽيم جي شروعات ڪجهه خاص نه هئي جڏهن ٽئين اوور جي چوٿين بال تي ڀارت جي محمد سراج 2 جي مجموعي اسڪور تي عثمان خواجه کي پويلين جو رستو ڏيکاريو. عثمان خواجه بنا ڪنهن رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، وڪيٽ ڪيپر ڪي ايس ڀرت سندس ڪيچ ورتو. ان کانپوءِ ڊيوڊ وارنر 43 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو، هن مارنس لابوشين سان گڏ 69 رنسون ٺاهي اننگز کي اڳتي وڌايو.

هن کانپوءِ ڪينگروز بيٽسمين مارنس لبوشن به 26 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو، کيس محمد شامي پويلين جو رستو ڏيکاريو. پهرين ٽن بيٽسمينن جي جلد آئوٽ ٿيڻ کانپوءِ اڳوڻي ڪپتان اسٽيو سمٿ ۽ ٽريوس هيڊ محتاط ۽ ذميواراڻي بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي پنهنجي ٽيم کي اسڪور تائين پهچايو. ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ جي فائنل جي پهرين ڏينهن آسٽريليا ڀارت خلاف 3 وڪيٽن جي نقصان تي 327 رنسون ٺاهيون. جڏهن ته پهرين ڏينهن جي راند ختم ٿي ته اسٽيو سمٿ 95 رنسون ۽ ٽريوس هيڊ 146 رنسون ٺاهي وڪيٽ تي موجود هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button