پاڪستانسنڌ

جهوڪ شريف لڳ 4 ٻارن جي ما خودڪشي ڪري ڇڏي

جهوڪ شريف: جھوڪ شريف لڳ 4 ٻارن جي ما آپگهات ڪري ڇڏيو. نظاماڻي فارم تي ڳوٺ راڻو ڪولھي ۾ چار ٻارن جي ما نوجوان عورت ھيمي ڪولھي گھر ۾ رسو ٻڌي آپگھات ڪري ڇڏيو، اطلاع ملڻ تي جھوڪ شريف پوليس پھچي ٽنگيل لاش لاٿو. ان موقعي تي هيمي جي مڙس عالم ڪولھي ٻڌايو ته زال جو ذھني توازن ٺيڪ نه ھو، آئون مزدوري تي ٽنڊو محمد خان ويل ھئس، خبر پئي ته پھتس. هيمي جي پي چيو ته ڌي جو ذھني توازن ٺيڪ نه ھو. جڏھن ته ايس ايڇ او جھوڪ شريف چيو ته اطلاع تي پھتاسين ته لاش ٽنگيل ھو، وارثن کانسوا پاڙيوارن جا بيان ورتا آھن، جن چيو ته ناري جو ذھني توازن درست نه ھو. وارث پوسٽ مارٽم نٿا ڪرائڻ چاهين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button