اسلام آبادپاڪستان

جي ڊي پي هدف حاصل نه ٿيو،صنعتي شعبو سڀ کان وڌيڪ متاثر:اقتصادي سروي

اسلام آباد؛ وفاقي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار قومي اقتصادي سروي مالي سال 2022-23 پيش ڪري ڇڏي آهي، حڪومت رميٽينس، ايڪسپورٽ ۽ سڌي پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ گهٽتائي جو اعتراف ڪيو آهي. جڏهن ته صنعتي شعبو سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو ۽ سڪڙجي 3 سيڪڙو ٿي ويو آهي. سروي مطابق پاڪستان ختم ٿيندڙ مالي سال لاءِ ڪل ملڪي پيداوار (جي ڊي پي) جي شرح واڌ 0 ڏهائي 29 سيڪڙو حاصل ڪئي، جنهن سان 5 سيڪڙو جو حدف وڏي مارجن سان حاصل ناهي ٿيو. پاڪستان ۾ جولاءِ 2022 کان مئي 2023 تائين جي 11 مهينن جي عرصي ۾ 28 ڏهائي 2 سيڪڙو مهانگائي رڪارڊ ڪئي وئي جيڪا گذريل سال جي انهيءَ مدي ۾ 11 سيڪڙو هئي. حڪومت مالي سال 2023 لاءِ مهانگائي جو حدف 11 ڏهائي 5 سيڪڙو رکيو هو، رپئي جي ملهه ۾تيزي سان لاٿ امپورٽ مهانگي ٿيڻ جي نتيجي ۾ عالمي سطح تي سپلاءِ جي رڪاوٽ جي ڪري حدف هٿ مان نڪري ويو. فيڊرل بورڊ آف روينيو جي ٽيڪس اوڳاڙي جولاءِ کان اپريل تائين 16 ڏهائي هڪ سيڪڙو وڌي 56 کرب 37 ارب 90 ڪروڙ رپيا ٿي وئي. ٽيڪس ڪليڪشن هڪ سال اڳ جي مدي ۾ 48 کرب 55 ارب 80 ڪروڙ رپيا هئي، جولاءِ کان مارچ دوران پاڪستان جي ايڪسپورٽ 9 ڏهائي 9 سيڪڙو گهٽجي 21 ارب ڊالر ٿي وئي، جيڪا گذريل سال جي انهيءَ مدي ۾ 23 ارب ڊالر هئي. جڏهن ته وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته جيڪڏهن اسان جي حڪومت ذميواري نه سنڀالي ها ته ملڪ ڪٿي بيٺو هجي ها. اسان جي حڪومت اچڻ کان اڳ آخري ٽه ماهي ۾ پرڏيهي ناڻي مٽا سٽا ذخيرن ۾ 6 هزار 400 ارب ڊالر جي گهٽتائي ٿي هئي. اسان جون ڪوششون ان کي ترقي جي رستي تي آڻڻ آهي، هن وقت روينيو ڪليڪشن جو وڏو حصو وياج ڀرڻ ۾ خرچ ٿي رهيو آهي. 2017 ۾ وياج جي ادائيگي 1800 ارب رپين کان گهٽ هئي جيڪا اڄ 7 هزار ارب تائين پهچي چڪي آهي. عالمي ناڻي واڌ ۾ 85 سيڪڙو جو اضافو ٿيو، عالمي واپار جي شرح واڌ ۾ پنجوڻ تي گهٽتائي ٿي ۽ گلوبل وليج هجڻ جي ڪري پاڪستان به ان سان متاثر ٿيو. پاڪستان کي ٻوڏ کي منهن ڏيڻو پيو، نتيجي ۾ معاشي ۽ ملڪيتن جو اٽڪل 30 ارب ڊالر جو نقصان ٿيو. اڄ ماڻهو پريشان آهن مارڪيٽ جا اثر ناڪاري آهن. جڏهن مان آيس ته چيو ويو ته ڊالر 200کان هيٺ اچي ويندو جيڪو اچڻ گهرجي ها ۽ 190 تائين آيو هو پوءِ الائي ڪهڙا ڳجها هٿ آهن جو جڏهن مان واشنگٽن ويس ته رجحان پلٽجي ويو. ماڻهو ڊالر ۽ سون ۾ پنهنجي رقم محفوط نه ڪن ان جو فائدو نه ٿيندو. اسان جي ڪرنسي هٿرادو شين جي ڪري انڊر ويليو آهي. الله چاهيو ته هي پاڻمرادو بهتر ٿي ويندي. خميس تي هتي پنهنجي ٽيم سان گڏ اسحاق ڊار چيو ته اقتصادي سروي جو عنوان ايڪسپورٽ، ايڪوٽوٽي، امپاورمينٽ، ماحوليات ۽ توانائي آهي. هن ٻڌايو ته اقتصادي سروي 17 بابن تي ٻڌل آهي، جنهن جو مقصد گذريل چند سالن ۾ ٿيل پاڪستان جي معيشت جي زبون حالي کي واپس ترقي ڏانهن وٺي وڃڻ آهي. ناڻي وزير پاران فراهم ڪيل دستاويزن مطابق سروي رپورٽ مطابق جولاءِ کان اپريل دوران ناڻي روانگي 13 ڏهائي ٻڙي سيڪڙو جي لاٿ سان 22 ڏهائي 7 ارب ڊالر رڪارڊ ٿي جيڪا گذريل مالي سال جي انهيءَ عرصي دوران 26 ڏهائي هڪ ارب ڊالر هئي. رپورٽ موجب هلندڙ مالي سال جي شروعاتي 11 مهينن اندر امپورٽ ۾ 29 ڏهائي 2 سيڪڙو جي لاٿ ٿي ۽ هي گهٽجي 51 ڏهائي 2 ارب ڊالر ٿي وئي. جيڪا گزريل مالي سال جي انهيءَ عرصي دوران 72 ڏهائي 3 ارب ڊالر هئي. اهڙي طرح هن مدي ۾ ايڪسپورٽ ۾ 12 ڏهائي هڪ سيڪڙو جي گهٽتائي ٿي ۽ هي گهٽجي 25 ڏهائي 4 ارب ڊالر تي اچي وئي جيڪا گذريل مالي سال 28 ڏهائي 9 ارب ڊالر هئي. ان موقعي تي ناڻي واري وزير چيو ته ملڪ 2017 ۾ هاڪاري رخ ۾ وڃي رهيو هو پر چئن سالن جي اقتدار خراب حالت ڪري ڇڏي. ناڻي واري وزير چيو ته جي ڊي پي جي شرح واڌ 0 ڏهائي 29 سيڪڙو رهي. ٻوڏ، عالمي دٻاءُ ۽ ٻين سببن جي ڪري هي هڪ ريئلسٽڪ اچيومينٽ آهي جيڪا منهنجي خيال ۾ هن کان بهتر نٿي ٿي سگهي. جڏهن ته في ڪس آمدني هڪ هزار 568 ڊالر رهي جيڪا گذريل سال دوران هڪ هزار 567 ڊالر هئي. ائين ان ۾ 11 ڏهائي 2 سيڪڙو جي گهٽتائي ٿي. ان موقعي تي احسن اقبال چيو ته هن سال ترقياتي بجيٽ کي 1100 ارب کان به وڌيڪ ڪيو، ترقياتي بجيٽ ۾ ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو 100 سيڪڙو واڌ ڪئي. اسان کي هن سال 3 غير مثالي حادثا پيش آيا پهريون اهو ته وڏي پئماني تي امپورٽ ڪئي وئي، ٻيو آخري ٽه ماهي ۾ ناڻي واري وزارت ڪو فنڊ جاري نه ڪيو ۽ ٽيون اهو ته موسمياتي تبديلي جي ڪري پاڪستان کي ٻوڏ کي منهن ڏيڻو پيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button