اسلام آبادپاڪستان

اڄ وفاقي بجيٽ پيش ٿيندي،ترقياتي بجيٽ جو هدف 2709 ارب رپيا مقرر،پگهار 20 سيڪڙو وڌڻ جو امڪان

اسلام آباد : قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ جمعي ڏينهن شام 4 وڳي پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيندو، جنهن ۾ ناڻي وارو وزير اسحاق ڊار ايندڙ مالي سال جي وفاقي بجيٽ پيش ڪندو. وفاقي بجيٽ ۾ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن ۾ 15 کان 20 سيڪڙو واڌ جو امڪان آهي. قومي ترقياتي بجيٽ جو حدف 2709 ارب رپيا مقرر ڪيو ويندو. وفاقي ترقياتي پروگرام جو حدف 1150 ارب رپيا مقرر ڪيو ويندو ۽ صوبن جي ترقياتي بجيٽ 1559 ارب رپيا رکي ويندي. تفصيل موجب قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيندو، جنهن جي صدارت اسپيڪر راجا پرويز اشرف ڪندو. اجلاس ۾ اسحاق ڊار ايندڙ مالي سال 2023-24 جي بجيٽ پيش ڪندو جنهن کان پو سينيٽ جو اجلاس 6 وڳي شام جو ٿيندو جنهن ۾ به ناڻي وارو وزير بجيٽ دستاويز پيش ڪندو. ان ڏس ۾ صدر، سينيٽ جو اجلاس 9 جون جي شام 6 وڳي گهرايو آهي، قومي ۽ سينيٽ اجلاس کان اڳ وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم شهبازشريف جي صدارت ۾ ٿيندو، جنهن ۾ اسحاق ڊار ايندڙ مالي سال جي بجيٽ تي بريفنگ ڏيندو، جنهن کان پوءِ وفاقي ڪابينا ايندر مالي سال جي بجيٽ جي منظوري ڏيندي. وفاقي بجيٽ ۾ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن ۾ 15 کان 20 سيڪڙو واڌ جو امڪان آهي. قومي ترقياتي بجيٽ جو حدف 2709 ارب رپيا مقرر ڪيو ويندو. وفاقي ترقياتي پروگرام جو حدف 1150 ارب رپيا مقرر ڪيو ويندو ۽ صوبن جي ترقياتي بجيٽ 1559 ارب رپيا رکي ويندي. وفاقي ترقياتي پروگرام جي 1150 ارب رپين مان 950 ارب رپيا پي ايس ڊي پي ۽ 200 ارب رپيا پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت رکيا ويندا. قرض لاهڻ لاءِ 7300 ارب رپيا رکيا ويندا. وفاقي بجيٽ ۾ 9200 ارب رپين جو ٽيڪس روينيو حدف ۽ 2800 ارب رپيا نان ٽيڪس روينيو حدف مقرر ڪيو ويندو. ايندڙ مالي سال لاءِ اقتصادي شرح واڌ جو حدف 3 ڏهائي 5 سيڪڙو ۽ مهانگائي جي شرح ڪاٿو 21 سيڪڙو لڳايو ويو آهي. بجيٽ ۾ ملڪي ايڪسپورٽ جو حدف 30 ارب ڊالر مقرر ڪيو ويو ۽ امپورٽ جو ڪاٿو 58 ارب 70 ڪروڙ ڊالر لڳايو ويو آهي. جڏهن ته ايندڙ مالي سال واپاري خسارو 28 ارب 70 ڪروڙ ڊالر هوندو، بجيٽ ۾ نان فائلرز لاءِ ٽيڪسز وڌائڻ جي تجويز آهي. آٽو سيڪٽر لاءِ پاڪستان بزنس ڪائونسل تجويزون ڏنيون ته بجيٽ ۾ نان فائلرز لاءِ گاڏين تي ٽيڪس ۾ اضافو ڪيو وڃي ۽ نان فائلرز لاءِ گاڏين تي ايڊوانس انڪم ٽِيڪس ۾ ٻيڻ تي اضافو ڪيو وڃي، جڏهن ته انجڻ ڪي پيسٽي بدران خريداري رسيد تي وڌ هولڊنگ ٽيڪس جي تجويز ڏني وئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button