
سوات: مينگورا ۾ نامعلوم ماڻهن جي فائرنگ ۾ 2 پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا. ايڪسپريس نيوز موجب مينگورا سبزي منڊي ويجهو ڊيوٽي تي ويندڙ پوليس اهلڪار اشرف علي ۽ عمران تي اڻڄاتل هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني. واقعي بعد پوليس جي وڏي نفري موقعي تي پهچي وئي ۽ شاهديون گڏ ڪرڻ بعد جوابدارن جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي. پوليس موجب شهيد ٿيل پوليس اهلڪار اشرف علي ۽ عمران خان مينگورا جي علائقي امان ڪوٽ جا رهواسي هئا. واقعي بعد وارثن ۽ علائقي واسين سيدو شريف روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ٽريفڪ بند ڪري قاتلن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو. عوامي نيشنل پارٽي واقعي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته خيبرپختونخوا ۾ دهشتگردي جا اصل ذميوار ئي دهشتگردن کي واپس آڻي رهيا آهن، جيڪي سياسي ڇڪتاڻ ۾ مصروف آهن جڏهن ته پختون جنازا کڻي رهيا آهن. اڳواڻ ايم ولي خان چيو ته تحفظ فراهم ڪرڻ وارا محفوظ ناهن، پوءِ الله ئي عوام جو محافظ آهي.