پاڪستانپنجاب

حڪومت آمريڪي قونصلر کي خديجه شاهه تائين رسائي ڏئي ڇڏي

لاهور: گهرو وزارت لاهور ۾ آمريڪي قونصل جنرل کي پاڪستان ڄائي آمريڪي شهري خديجه شاهه تائين پهچ جي اجازت ڏئي ڇڏي. خديجه شاهه 9 مئي سانحي ۾ ملوث هجڻ تي لاهور جي جيل ۾ آهي. گهرو وزارت قونصلر رسائي جي اجازت لاءِ پنجاب جي گهرو کاتي کي خط لکيو، وفاقي گهرو وزارت جي حڪم تي لاهور ۾ امريڪي قونصليٽ جي اهلڪارن کي خديجه شاهه تائين قونصلر رسائي ڏني وئي آهي. آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ڪالهه هفتيوار پريس بريفنگ دوران چيو ته خديجه شاهه ڪيس جي پيروي ڪئي پئي وڃي. خديجه شاهه اڳوڻي آرمي چيف جنرل آصف نواز جنجوعه جي پوٽي ۽ اڳوڻي ناڻي واري وزير سلمان شاهه جي ڌيءَ آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button