پاڪستانپنجاب

فواد چوڌري استحڪام پارٽي ۾ شامل، مسرت جي ترديد

لاهور: پي ٽي آءِ جو اڳوڻو مرڪزي اڳواڻ فواد چوڌري به استحڪام پاڪستان پارٽي ۾ شامل ٿي ويو آهي، جڏهن ته مسرت جشميد چيما شموليت جي ترديد ڪئي آهي. ذريعن موجب فواد چوڌري گذريل ڏينهن عليم خان جي رهائشگاهه تي ڏنل ڊنر ۾ شرڪت ڪئي، جنهن کانپوءِ کيس جهانگير ترين جي “استحڪام پاڪستان پارٽي” ۾ مرڪزي عهدو ڏيڻ جو امڪان آهي.

ٻئي طرف تحريڪ انصاف جي اڳوڻي اڳواڻ مسرت جمشيد چيما جهانگير ترين سان ملاقات جي ترديد ڪندي چيو آهي ته اسان جهانگير ترين يا ان گروپ جي ڪنهن اڳواڻ سان ملاقات ناهي ڪئي، اسان سياست کان عليحدگي جو اعلان ڪيو آهي. ان دوران پنجاب جي اڳوڻي گهرو وزير هاشم ڊوگر ڊيموڪريٽس گروپ ٽوڙڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. واضح رهي ته پنجاب جي اڳوڻي گهرو وزير هاشم ڊوگر پي ٽي آءِ کي ڇڏي ڊيموڪريٽس گروپ قائم ڪيو هو، ڪجهه ميمبر اڳ ۾ ئي گروپ ڇڏي “استحڪام پاڪستان پارٽي” ۾ شامل ٿي ويا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button