پاڪستانخيبرپختونخوا

پشاور ۾ علي محمد خان جيل مان آزاد ٿيڻ بعد ٻيهر گرفتار

پشاور: پشاور جيل مان آزاد ٿيڻ بعد اڳوڻي مملڪتي وزير علي محمد خان کي مردان پوليس ٻيهر گرفتار ڪري ورتو آهي. پشاور هاءِ ڪورٽ اڳوڻي مملڪتي وزير علي محمد خان جي گرفتاري کي 3 ايم پي او ۾ ڪالعدم قرار ڏيندي آزادي جا حڪم جاري ڪيا هئا، جنهن کانپوءِ پشاور سينٽرل جيل اختيارين علي محمد کي آزاد ڪيو، پر جيئن ئي کيس پشاور سينٽرل جيل مان آزاد ڪيو ويو ته مردان پوليس کيس ٻيهر گرفتار ڪري ورتو. ياد رهي ته علي محمد خان کي 9 ۽ 10 مئي تي ڀتاخوري ۽ ڀڃ ڊاهه جي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو هو. مردان پوليس علي محمد خان جي گرفتاري جي تصديق ڪئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button