سنڌ

گئس سئلينڊر مان باهه لڳڻ سبب 4 مسافر خانا،3 دڪان ۽ هڪ گهر سڙي رک

چوهڙ جمالي لڳ درگاهه جلالي بابا تي عيسى ملاح جي مسافر خاني ۾ گئس سلينڊر مان باهه لڳڻ ڪري عيسى ملاح ۽ پٽيل قادر سولنگي جو مسافر خانو، 2 دڪان، عاشق بهاري جو مسافر خانو، موهن بهاري جو مسافر خانو، بچايو اوٺو جو مسافر خانو، حاجي ڦلاڻي جو دڪان ۽ خوشي محمد سولنگي جو گهر سڙي خاڪ ٿي ويا. مسافر خانن ۾ پيل بسترا ۽ کٽون پڻ سڙي ويون. متاثرين باهه اجهائڻ لا انتظاميه کي بار بار ڪالون ڪندا رهيا پر فائربرگيڊ نه پهتي، جنهن کانپو رهواسين پنهنجي مدد پاڻ تحت باهه تي ڪنٽرول ڪيو، ان دوران پاڪ نيوي جون 2 فائر برگيڊ گاڏيون پهتيون، جن باهه تي ڪنٽرول ڪيو. باهه اجهائڻ دوران مسافر خاني جو مالڪ عاشق بهاري ۽ هڪ نينگر شفيع بنڙو زخمي ٿي پيا، جن مان هڪ زخمي عاشق بهاري کي ٺٽو ريفر ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button