سنڌ

حڪمرانن لاڙ سميت سڄي سنڌ تباهه ڪئي آهي:لاڙ بچايو ڪانفرنس

عوامي تحريڪ طرفان گولاڙچي ۾ لاڙ بچايو – سنڌ بچايو ڪانفرس ٿي، جنھن ۾ وڏي تعداد ۾ عورتن، شھرين، ھارين، مزدورن، آبادگارن ۽ ڪارڪنن شرڪت ڪئي. جلسي کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي چيو ته حڪمرانن ٿر کان وٺي لاڙ تائين ۽ لاڙ کان وٺي ڪوھستان ۽ ڪاڇي تائين سڄي سنڌ کي تباهه ڪيو آھي. ھن چيو ته گولاڙچي بدين ضلعي جو اھو تعلقو آھي، جنھن ۾ سڄي ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ تيل ۽ گئس جا ذخيرا آھن. بدين ۾ سڄي ملڪ جي مجموعي گئس جي پيداوار جو 70 سيڪڙو پيدا ٿئي ٿو. بدين بلاڪ مان ايترو ئي تيل پيدا ٿئي ٿو، جيڪو تيل ۽ گئس وفاق گذريل 40 سالن کان لٽمار ڪري کڻي رھيو آھي. تيل ۽ گئس جي دولت سان مالا مال بدين ضلعو ھن وقت غربت ۾ سڄي ملڪ جو سڀ کان وڌيڪ غريب ترين ضلعو بڻجي ويو آھي، جتي وڏي انک ۾ ماڻھو خودڪشيون ڪري رھيا آھن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button