سنڌ

معصوم ڪانها سچديو جي خون سان انصاف ڪيو:اياز پليجو

قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجي ٻٻرلو ۾ معصوم ٻالڪ ڪانھا سچديو کي وحشي جوابدارن پاران اغوا ڪري بدفعلي کانپوءِ سروٽا ھڻي بيدردي سان قتل ڪرڻ واري واقعي جي مذمت ڪندي سنڌ حڪومت ۽ چيف جسٽس ھا ڪورٽ سنڌ کان مطالبو ڪيو آھي ته فوري طور ھن وحشتناڪ واقعي جو نوٽيس وٺي معصوم ڪانھا سچديو ڪمار جي خون سان انصاف ڪيو وڃي. هن چيو ته اسان وٽ عورتن، ٻارن ۽ انسانن جي حقن جا قانون ته موجود آھن پر ڪرپٽ حڪمران پنھنجن سياسي مفادن لاءِ ڪنھن به قانون تي عمل ڪرڻ لاءِ تيار ناھن، جنھنڪري سنڌ ۾ انساني حقن جون سنگين ڀڃڪڙيون ٿينديون رھن ٿيون. هن چيو تہ حڪمرانن سنڌ کي المناڪ سانحن جي سرزمين بنائي ڇڏيو آھي. سيڪيورٽي رڳو انھن لاءِ آھي، پوليس ۽ ٻيا ادارا متحرڪ ۽ خبردار رڳو حڪمران طاقتن لاءِ آھن، باقي عام ماڻھو قتل ٿيڻ کانپوءِ به انصاف کان محروم آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button