سنڌ

ايندڙ چونڊون وقت سر اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ذريعي ٿينديون:گورنر سنڌ

سنڌ جي گورنر محمد عمران اسماعيل چيو آهي ته پاڪستان جي معيشت صحيح رخ ۾ آهي، سريو، سيمينٽ ۽ گاڏيون وڪرو ٿي رهيون آهن، مهانگائي سڄي دنيا ۾ ٿي آهي، وفاقي حڪومت معيشت کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪري رهي آهي، وزيراعظم عمران خان جي خواهش آهي ته پاڪستان دنيا جي ترقي يافته ملڪن جي لسٽ ۾ شامل ٿئي ۽ اهو وقت پري ناهي جو عمران خان جو خواب حقيقت ۾ تبديل ٿيندو. اي وي ايم بل اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جوائنٽ سيشن ۾ پاس ڪيو ويو، ڇاڪاڻ ته ماضيءَ ۾ جڏهن به چونڊون ٿينديون هيون ته ڌانڌلي جو روڄ راڙو شروع ٿي ويندو هو، چونڊن ۾ ووٽن جا دٻا ئي گم ڪيا ويندا هئا، جديد ٽيڪنالاجي کي متعارف ڪرائڻ تي ڌانڌلي ذريعي اقتدار جو مزو ماڻيندڙ اجايو گوڙ ڪري رهيا آهن. هو ڪالهه حيدرآباد ڊويزن جي مختلف ضلعن ۾ تحريڪ انصاف جي صدرن سان گڏجاڻي ۾ شرڪت لاءِ آيو هو. ڄامشورو ۽ ٽنڊوالهيار ۾ تعزيتون ۽ ميڊيا سان ڳالهيون ڪيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button