پاڪستانسنڌ

جعلي حڪومت وڌيڪ دير تائين هلي نٿي سگهي:راشد سومرو

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) 27 نومبر تي لاڙڪاڻو ميونسپل اسٽيڊيم ۾ شهيد اسلام ڪانفرنس کي ڪامياب بڻائڻ لا مولانا ناصر خالد محمود سومرو جي صدارت ۾ اجلاس ۾ انتظامن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ جمعيت علما اسلام صوبي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري مولانا راشد خالد محمود سومرو ۽ مرڪزي سالار انجنيئر عبدالرزاق عابد لاکو، صوبائي سالار حافظ سراج احمد چنا، سليم سنڌي شرڪت ڪئي. ان موقعي تي مولانا راشد خالد محمود سومرو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ ڌرتي جي بهادر فرزند شهيد ڊاڪٽر خالد محمود سومرو پارٽي جو مثالي ليڊر هيو، سندس عظيم جدوجهد تي سلام پيش ڪريون ٿا، 27 نومبر تي لاڙڪاڻي ۾ عوامي ٻوڏ ايندي، سامراجي ايجنٽ ان ۾ لڙهي ويندا. هن چيو ته موجوده جعلي حڪومت وڌيڪ دير تائين هلي نٿي سگهي. پي ڊي ايم سربراه مولانا فضل الرحمن عمران نيازي جي چهري کي عوام جي سامهون بي نقاب ڪيو آهي. هن چيو ته پارليامينٽ جي تاريخ جي بدترين قانون سازي ڪئي وئي، ووٽنگ مشين پاڪستان ۾ آڻي عوام جي ووٽ کي چوري ڪرڻ جي سازش بڻائي پئي وڃي. ان موقعي تي مولانا طاهر خالد محمود سومرو، آصف علي مگسي، مولانا عبدالجبار حيدري، مولانا محمد طارق پنهور، مولانا حميدالله سيال ۽ ٻيا موجود هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button