اسلام آباد:سپريم ڪورٽ پاناما پيپرز ڪيس ۾ جماعت اسلامي جي 436 پاڪستانين خلاف جوڊيشل انڪوائري جي درخواست تي چيو آهي ته ستن سالن کانپوءِ توهان کي ياد آيو ته اهو عوامي مفاد جو معاملو آهي. ان وقت صرف هڪ خاندان خلاف پاناما ڪيس هلائڻ جو مقصد ڇا هو؟ سُپريم ڪورٽ جي جج جسٽس طارق مسعود پاناما بابت ڪيس ۾ رمارڪس ڏنا آهن ته پاناما ڪيس ڪجهه ٻيو ئي معاملو هو، 436 ماڻهن مان رڳو هڪ خاندان کي الڳ ڪري ڪيس هلايو ويو. آف شور ڪمپني ٺاهڻ ڪو ڏوهه ناهي. ڪالهه سُپريم ڪورٽ ۾ پاناما اسڪينڊل ۾ شامل 436 ماڻهن خلاف جاچ بابت ڪيس جي شنوائي ٿي، جنهن ۾ جسٽس طارق مسعود رمارڪس ڏنا ته پاناما ڪيس ڪجهه ٻيو ئي معاملو هو، 436 ماڻهن مان رڳو هڪ خاندان کي ڌار ڪري ڪيس هلايو ويو. جسٽس طارق مسعود چيو ته هو ان معاملي تي ڪجهه به ڳالهائڻ نٿو چاهي پر اهڙو ڇا ٿيو هو جو 24 شنوائين بعد هڪ خاندان کانسواءِ ٻين سمورن ماڻهن جا ڪيس ڌار ڪيا ويا. جسٽس امين الدين خان چيو ته دل چوندي آهي هتي ڪيئي ڳالهين بابت پڇاڳاڇا ڪجي پر ائين ڪري نٿا سگهون. ان دوران جسٽس طارق مسعود جماعت اسلامي جي وڪيل کان سوال ڪيو ته ڇا اوهان جو مقصد رڳو هڪ خاندان خلاف ڪيس هلائڻ هو؟ ايف بي آر، ايف آءِ اي، نيب ۽ اسٽيٽ بئنڪ موجود آهن، ڇا رياستي ادارن کي بند ڪري سمورا ڪم سپريم ڪورٽ کان ئي ڪرايون؟ ان تي جماعت اسلامي جي وڪيل راجا اشتياق چيو ته جاچ ادارن جو حال اهو آهي جو ٽي سال اڳ نوٽيس ٿيو ۽ اڃا هنيئر تائين جواب ناهي آيو. عدالت چيو ته پاناما ۾ شامل 436 ماڻهن ۾ ڪاروباري ماڻهو به شامل آهن، ڇا کين ڀڄائڻ چاهيو ٿا، عدالت پاناما ۾ نامزد 436 ماڻهن کي ٻڌڻ کانسواءِ فيصلو ڪيئن ڏئي سگهي ٿي.عدالت ڪيس جي وڌيڪ شنوائي هڪ مهيني تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close