اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

بجيٽ ۾ درآمدي يوريا ڀاڻ تي سبسڊي ۽ هارين لاءِ قرضن جو اعلان

اسلام آباد: وفاقي بجيٽ 24-2023 ۾ درآمدي يوريا ڀاڻ تي سبسڊي لاءِ 6 ارب رپيا رکڻ ۽ هارين لاءِ قرضن جو اعلان ڪيو ويو آهي. ناڻي واري وزير اسحاق ڊار قومي اسيمبلي ۾ پنهنجي بجيٽ تقرير ۾ ٻڌايو آهي ته درآمدي يوريا ڀاڻ تي سبسڊي لاءِ ايندڙ سال 6 ارب رپيا رکيا ويا آهن. هن ٻڌايو ته پيداواري صلاحيت ۾ واڌ لاءِ ننڍن هارين کي گهٽ مارڪ اپ تي صوبائي حڪومتن جي ڀائيواري سان قرض فراهم ڪيا ويندا، ان مد ۾ 10 ارب رپين جي وڏي رقم رکي وئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button